اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف ميجر ??حم?? اڪرم شهيد نشان حيدر کي سندس 53هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ميجر ??حم?? اڪرم شهيد اوڀر پاڪستان ۾ وڙهندي جرئت ۽ بهادري جو لازوال مثال قائم ڪيو، قوم پنهنجي شهي??ن ۽ انهن جي گهرڀاتين جي ملڪ جي لاءِ قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ميجر ??حم?? اڪرم شهيد (نشان حيدر) دشمن جي عددي برتري جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ان جو ڄمي مقابلو ڪيو. ميجر ??حم?? اڪرم شهيد فرض شناسي ۽ وطن سان وچن وفا جو اهڙو مثال قائم ڪيو جيڪو نوجوان نسل جي لاءِ قابل تقليد آهي. وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري قوم کي پاڪ فوج جي شهي??ن ۽ انهن جي گهرڀاتين تي فخر آهي. وطن جي خاطر پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ وطن جي عظيم فرزندن جي لا??ِ پوري قوم جا عقيدت جا جذبا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي شهي??ن ۽ انهن جي گهرڀاتين جي وطن جي دفاع لاءِ ڏني ويندڙ قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي.
وزيراعظم پاران ميجر محمد اڪرم شهيد نشان حيدر کي سندس 53هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔