اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪالٽ لينڊ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ سميت گڏيل دلسچپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر چيو ته دولت مشترڪه عالمي شراڪتداري کي هٿي وٺائڻ جو اهم فورم آهي، ميمبر ملڪن پا??لياماني اقتصادي ۽ سماجي شعبن م سهڪار جا وسيع موقعا موجود آهن. پا??ليامينٽ کي وڌيڪ فعال بڻائڻ لا??ِ اسپيڪر طور ڪيترائي قدم کنيا، قانونسازي ۾ سپورٽ لا??ِ ليجسليٽو ڊرافٽنگ ڪائونسل جو قيام عمل ۾ آندو. هن چيو ته پا??لياماني فرينڊشپ گروپس، ايس ڊي جيز ٽاسڪ فورس، ٻارن لا??ِ انٽرنشپ پروگرام انهن قدمن جو حصو آهن. ملاقات ۾ مصنوعي ذهانت خاص ڪري قانونسازي جي شعبي ۾ ان جي استعمال جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن دولت مشترڪه جي قانونسازي جي شعبي ۾ مصنوعي ذهانت جي استعمال جي حوالي سان قدمن خاص ڪري دولت مشترڪه جي آرٽيفيشل انٽيليجنس اڪيڊميءَ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سيڪريٽري جنرل دولت مشترڪه جون دولت مشترڪه ۾ شامل ملڪن ۾ ??هڪار کي هٿي وٺائڻ لا??ِ ڪوششون تعريف جوڳيون آهن. ان موقعي تي دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل شاندار آجيان ۽ مهمان نوازي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو ٿورو مڃيندي چيو ته پاڪستان دولت مشترڪه کي هميشه اهميت ڏني آهي. عالمي مسئلن جي حل لا??ِ دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن وچ ۾ ويجهو سهڪار وقت جي ضرورت آهي. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ۾ موجود پا??لياماني فورمز جي سربراهن، اسيمبلي ميمبرن ۽ پرائم منسٽر يوٿ پروگرام جي سربراهه به شرڪت ڪئي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق