اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته احتجاج جي آڙ ۾ ماحول کي خراب نه ڪرڻ گهرجي، هر شخص کي آئيني حدن ۾ رهي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي، بنا ڪنهن جواز جي احتجاج سبب ملڪ جي اميج ٻاهرين دن??ا ۾ خراب ٿيندي آهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪار گهٻرائيندا آ??ن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي جاري ڪيل هڪ ويڊيو ب??ان ۾ ڪيو. هن چيو ته مسئلا سڄي دن??ا ۾ هر جاءِ تي ٿيندا آ??ن، جڏهن ته انهن جو حل ڪڍيو ويندو آهي. سڄي دن??ا ۾ احتجاج ٿيندو آهي پر پاڪستان خاص ڪري بلوچستان ۽ ٻين جاين تي تازو ئي ٿيل واقعا مذمت جوڳا آ??ن. هن چيو ته پاڪستان ۾ احتجاج ته ڪيو ويندو آهي، پر ان احتجاج جا مقصد واضح ناهن هوندا ۽ مسئلن تي ڳالهيون ناهن ڪيون وينديون. هن چيو ته حڪومت ڄاڻي ت?? ته ملڪ ۾ ڪيترائي مسئلا آ??ن جن ۾ سڀ کان مٿي بجلي جي قيمتن جو مسئلو آهي ۽ حڪومت ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، جنهن ۾ ٿورو وقت لڳندو. توانائي جي حوالي سان سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم ذاتي دلچسپي وٺي رهيو آهي. هن چيو ته مهانگائي جي شرح ۾ لاڳيتو گهٽتائي ٿي رهي آهي ۽ واپاري خساري ۾ به نمايان گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي. بلوچستان جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته مان پاڻ بلوچستان جو وڏو وزير رهي چڪو آهيان ۽ اتي جي مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهيان. هن چيو ته بلوچستان جي سرحد ٻن ملڪن سان ملي ٿي ان جي مسئلن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته هي هڪ سوال آه?? ته پاڪستان اڄ انهن حالتن تائين ڪيئن پهتو آهي جڏهن ته ان مسئلي تي سڀني کي گڏجي ڳالهيون ڪرڻيون پونديون.
احتجاج جي آڙ ۾ ماحول کي خراب نه ڪرڻ گهرجي: ڄام ڪمال خان
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا