اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا فيض آباد ڌرڻي واقعي جي ??نڪوائري ڪميشن جي ??اچ رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي قرار ڏنو آهي ته انڪوائري ڪميشن پنهنجي ٽرمز آف ريفرنس (ٽي او آرز) موجب ڪم نه ڪيو، ڪابينا ان حوالي سان ڪابينا جي هڪ خصوصي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي جيڪا ان سل??لي ۾ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي جڏهن ته وفاقي ڪابينا پاڪستاني شهريت رکندڙ ٽن جوابدارن جي ??والگي جي لاءِ پاڪستان حڪومت ۽ برطانوي حڪومت جي وچ ۾ مفاهمتي ياداشت تي صحيحن جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??دارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ڪابينا جي ??جلاس ۾ ايران جي ??در ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي، ايراني پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ۽ سندن ساٿين جي هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهادت تي وفاقي ڪابينا جي ??عزيتي قرارداد منظور ڪئي وئي. وفاقي ڪابينا کي اٽارني جنرل آف پاڪستان پاران فيض آباد ڌرڻي واقعي جي ??نڪوائري ڪميشن جي ??اچ رپورٽ پيش ڪئي وئي ۽ ان حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا ان رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي قرار ڏنو ته انڪوائري ڪميشن پنهنجي ٽرمز آف ريفرنس (ٽي او آرز) موجب ڪم نه ڪيو. وفاقي ڪابينا ان حوالي سان ڪابينا جي هڪ خصوصي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي جيڪا ان سل??لي ۾ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي ??فارش تي پبلڪ سيڪيورٽي ڊپارٽمين?? گوئينگ ڊونگ، چين پاران بلوچستان پوليس کي عطيوڪئي ويندڙ پوليس اوزارن کي ڊيوٽي ۽ ٽيڪس کان ڇوٽ ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته انهن اوزارن تي فيڊرل ايڪسائيز ايڪٽ 2005ع تحت فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو هوندي. وفاقي ڪابينا هدايت ڪئي ته مستقبل ۾ اهڙي طرح جي ??مورن عطين ۽ گرانٽس تي ٽيڪس کان ڇوٽ هوندي. وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي ??فارش تي پاڪستاني شهريت رکندڙ ٽن جوابدارن جي ??والگي جي ??والي سان پاڪستان حڪومت ۽ برطانوي حڪومت جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت پاران نيشنل لائيو اسٽاڪ بريڊنگ پاليسي 2022ع پيش ڪئي وئي. وفاقي ڪابينا هدايت ڪئي ته ان پاليسي تي نجي ??عبي سان مشاورت کانپوءِ ان کي ٻيهر ڪابينا ۾ پيش ڪيو وڃي. وفاقي ڪابينا قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي ??فارش تي نيشنل اينيمل هيلٿ، ويلفيئر اينڊ ويٽرنري پبلڪ هيلٿ ايڪٽ 2024ع جي ??والي سان قانونسازي ڪرڻ جي ??صولي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا ليجسليٽو بابت ڪميٽي ان جو تفصيلي جائزو وٺندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسلام آباد ۽ ڀرپاسي جي لاءِ هڪ اعليٰ معيار جي ??لاٽر هائوس جي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۾ منصوبي جي ??والي سان حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي. وفاقي ڪابينا نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي ??فارش تي فلسطين جي لاءِ اين ڊي ا??م اي پاران امدادي سامان موڪلڻ کانپوءِ ازوقوع/ ايڪس پوسٽ فيڪٽو منظوري ڏئي ڇڏي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستاني حڪومت هيستائين 931 ٽن جو امدادي سامان 6 هوائي ۽ 2 سامونڊي جهازن ذريعي فلسطين پهچائي چڪي آهي.
وفاقي ڪابينا پاران فيض آباد ڌرڻي واقعي جي انڪوائري ڪميشن جي جاچ رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار، ڪابينا جي هڪ خصوصي ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ