اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چي?? آهي ته 9 مئي جا حملي آور اڄ ملڪي مفاد تي حملي آور آهن، ملڪي مفاد جي خلاف ڳالهه ڪندڙ پاڪستان جا دشمن آهن، پنهنجي سياسي مفاد ۽ اناءَ کي ملڪي مفاد تي ترجيح ڏيڻ قابل مذمت ۽ افسوسناڪ آهي. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته تحريڪ انصاف اڳ ۾ ملڪي مفاد جي خلاف بيان ڏنو پوءِ ان کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو، اهو پي ٽي آءِ جو پراڻو شيوو آهي، انهن جو ليڊر اڳ ۾ ئي ڪرپشن جا ڪيس ڀوڳي رهيو آهي. هن چي?? ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري پاڪستان جي دشمنن کي هضم نه پئي ٿئي، اهڙن عنصرن جي لاءِ هدايت جي دعا ڪريون ٿا، ڪاش اهي ملڪ جي مفاد ۾ به ڳالهه ڪري سگهن. هن چي?? ته سياسي مخالفت ۾ ملڪ دشمني نامناسب آهي، ??وه??ن اسان تي تنقيد ڪريو پر پاڪستان تي تنقيد ناقابل برداشت آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته اسان جا دوست ملڪ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ تعاون جي حمايت ۽ دوستي جو هٿ وڌائي رهيا آهن، پاڪستان انشاءَ الله ترقي ڪندو، اسان پنهنجي دوست ملڪن سان رابطا وڌائينداسين.
9 مئي جا حملي آور اڄ ملڪي مفاد تي حملي آور آهن، ملڪي مفاد جي خلاف ڳالهه ڪندڙ پاڪستان جا دشمن آهن: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار