اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس ٻيهر وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن تي ??اج?? صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم شهباز شريف 2022ع ۾ ??اج?? صدر جي پاڪستان جي گذريل دوري کي ياد ڪندي تاجڪستان جي دوري جي دعوت ڏيڻ تي ??اج?? صدر جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده سياسي، واپاري، اقتصادي، ثقافتي ۽ دفاعي تعاون کي وڌائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ ويجهو رابطو رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ??اج?? صدر اڳوڻي و??يراعظم محمد نواز شريف جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو جنهن تي و??يراعظم ٿورا مڃيا.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات