اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي ??ي پي) ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خاص طور تي والاريل فلسطيني علائقن ۾ انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪندي مسلمان امت کي درپيش اسلامو فوبيا جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خاص طور تي او آءِ سي جي ذريعي ويجهي ۽ گڏيل طور تي ڪم جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ن??را?? وزيراعظم وچ اوڀر ۽ اتر آفريقا (مينا) خطي جي مسلمان ملڪن جي سفيرن سان مانجهاندي تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بحرين، مصر، عراق، اردن، ڪويت، لبنان، ليبيا، مراڪش، عمان، فلسطين، سعودي عرب، شام، گڏيل عرب امارات ۽ يمن جا س??ير موجود هئا. ملاقات ۾ ن??را?? پرڏيهي وزير، ن??را?? وزيراعظم جو سيڪريٽري ۽ پرڏيهي سيڪريٽري پڻ موجود هئا. ن??را?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان جي مسلمان دنيا خاص طور تي مينا خطي جي ملڪن سان ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته اهي لاڳاپا گڏيل اعتماد، گڏيل افهام تفهيم، ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي مع??ملن تي ويجهي ت??اون تي ٻڌل آهن. ن??را?? وزيراعظم ڪيترن ئي مع??ملن خاص طور تي والاريل فلسطيني علائقن ۾ انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي پاڪستان جي موقف بابت آگاهه ڪيو. مسلمان دنيا کي درپيش ٻين چئلينجز جهڙوڪ اسلامو فوبيا تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ن??را?? وزيراعظم مسلمان امت کي انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خاص طور تي او آءِ سي جي ذريعي ويجهي ۽ گڏيل طور تي ڪم جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ن??را?? وزيراعظم اسلام آباد ۽ انهن جي لاڳاپيل گادي وارن شهرن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ڪوششن تي سفيرن کي ساراهيو. سفيرن ن??را?? وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان سان ٻطرفي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو جنهن مسلمان دنيا ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
نگران وزيراعظم جي وچ اوڀر ۽ اتر آفريقا خطي جي مسلمان ملڪن جي سفيرن سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا ٹکٹ کیسے خریدیں