اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته تعليم ڪنهن به ملڪ جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. اها ڳالهه هن بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد ۾ تعليم جي موضوع تي رٿيل ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چئي. تعليم واري وزير چي?? ته ڊجيٽل انقلاب سکڻ جا طريقا بدلائي ڇڏيا آهن جڏهن ته تعليم لاءِ وقت ۽ جڳهه جي رڪاوٽ هاڻ ڪوبه مسئلو ناهي. هن تدريس ۽ سکڻ ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال تي زور ڀريو. وفاقي وزير چي?? ته تعليم معاشري کي مضبوط، مستحڪم ۽ خوشحال بڻائڻ جو بهترين ذريعو آهي. مدد علي سنڌي جو ??وڻ ه?? ته تعليم اسان جي قوم جي اولين ترجيح هئڻ گهرجي. هن بين الاقوامي ڪانفرنس جو بندوبست بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف ايجوڪيشن اقراء يونيورسٽي ۽ انٽرنيشنل سينٽر آف ايڪسيلينس جي سهڪار سان ڪيو. ڪانفرنس ۾ قومي ۽ عالمي اسڪالرز طرفان 50 جي لڳ ڀڳ مقالا پيش ڪيا پيا وڃن. هائر ايجوڪيشن ڪميشن ايڇ اِي سي جي پروفريسر ڊاڪٽر مختار احمد خطاب ۾ چي?? ته ڪوبه ملڪ ان وقت تائين ترقي نٿو ڪري سگهي جيستائين هو تعليم ۾ سيڙپڪاري نه ڪري. هن چي?? ته نوجوان قوم جي تقدير بدلڻ جي صلاحيت رکن ٿا. هن وڌيڪ چي?? ته پاڪستان گذريل سال يورپ لاءِ سڀ کان وڌيڪ اسڪالرزشپ حاصل ڪيون آهن.
تعليم ڪنهن به ملڪ جي ترقيءَ جو اهم ڪردار ادا ڪندي آهي: مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل