اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ماحولياتي ت??ديلين جي منفي اثرن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ماحولياتي ت??ديليون زمين جي لاءِ وڏو خطرو آهي، اسان کي معاشري جي سمورن طبقن کي ماحولياتي ت??ديلين جي اثرن بابت آگاهي ڏيڻي پوندي، پي ٽي وي ۾ ڪلائميٽ چينج ڊيسڪ قائم ڪرڻ ان ڏس ۾ پهريون قدم آهي، ايندڙ چونڊون فيبروري 2024ع ۾ ٿينديون، پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، اسان سمورن رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ٽيليويزن ۾ ڪلائميٽ چينج ڊيسڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اط??اعات وارو وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد، موسمياتي ت??ديلي وارو وفاقي سيڪريٽري سيد آصف حيدر، پي ٽي وي جو ڊائريڪٽر ڪرنٽ افيئرز عون ساهي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. اط??اعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته موسمياتي ت??ديلي کان آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ اڄ پهريون قدم کنيو ويو آهي جنهن تي پي ٽي وي انتظاميا مبارڪباد جي مستحق آهي. هن چيو ته پي ٽي وي انتظاميا مختصر وقت ۾ ڪلائميٽ چينج ڊيسڪ قائم ڪري ان کي علائقائي اسٽيشنن سان ڳنڍيو ۽ ان ڊيسڪ تي قابل رپورٽرز کي مقرر ڪيو جيڪي عوام کي موسمياتي ت??ديلين جي خطرن ۽ چئلينجن بابت آگاهي فراهم ڪرڻ طرف هڪ اهم قدم آهي. اط??اعات واري نگران وفاقي وزير نجي ميڊيا تي زور ڏنو ته اها موسمياتي ت??ديلي جي مسئلن جي ڪوريج لاءِ ان طرز جي ماڊل ک?? اختيار ڪن. هن چيو ته سرڪاري ميڊيا به نجي ميڊيا سان گڏجي ماحولياتي ت??ديلي جي منفي اثرن بابت آگاهي پيدا ڪري. هن موسمياتي ت??ديلي واري وزارت ۽ اط??اعات واري وزارت جي وچ ۾ ماحولياتي ت??ديلي جي چئلينجن بابت آگاهي فراهم ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته انفارميشن سروس اڪيڊمي ان موضوع ۽ محقيقن کي ت??بيت فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ڪلائميٽ چينج ڊيسڪ سان واڳيل رپورٽرز موسمياتي ت??ديلين کان متاثر علائقن جي مقامي ماڻهن سان ملن ۽ انهن کي موسمياتي ت??ديلين جي خطرن بابت آگاهي فراهم ڪن. ان ڏس ۾ والدين، استادن ۽ مختلف شعبن جي ماهرن سميت سوشل ميڊيا ۽ ٻين ڊيجيٽل ميڊيا پليٽ فارمز کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان کي معاشري جي سمورن طبقن کي موسمياتي ت??ديلي جي اثرن ۽ چئلينجن کان آگاهه ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پي ٽي وي ۾ ڪلائميٽ چينج ڊيسڪ صحيح رخ ۾ هڪ بهترين قدم آهي. پي ٽي وي کي موسمياتي ت??ديلي جي ت??اهي آڻيندڙ اثرن بابت خصوصي پروگرام ۽ دستاويزي فلمون تيار ڪرڻ گهرجن. اط??اعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته ايندڙ سال فيبروري ۾ عام چونڊون ٿيڻيون آهن ۽ ان جي لاءِ اسان جي پاليسي واضح هجڻ گهرجي، چونڊن جي ڊوڙ ۾ اسان جو ڪير پسنديده نه آهي، پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هن ملڪ کي ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، اسان سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪنداسين ۽ ان ڳالهه جي عڪاسي اط??اعات واري وزارت جي سمورن ادارن بشمول پي ٽي وي جي پروگرامن، خبرن ۽ پاليسي ۾ پڻ هجڻ گهرجي. هن چيو ته ماحولياتي ت??ديلي جي حوالي سان رڳو رپورٽنگ ۽ ڊيسڪ ڪافي نه آهي پر ان ڪم تي مقرر ماڻهن جي مستقل تربيت ضروري آهي. هن چيو ته ماحولياتي ت??ديلي پوري زمين ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل جو مسئلو آهي، پي ٽي وي ان ڏس ۾ خصوصي پروگرام پيش ڪري ۽ نيوز بليٽن جي اندر ماحولياتي ت??ديلي بابت خبر يا ماڊيول ضرور شامل ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي اط??اعات واري وفاقي سيڪريٽري ظهور احمد چيو ته ڪلائميٽ چينج ۽ ڊيزاسٽر رپورٽنگ اسپيشلائيزڊ فيلڊز آهن، موسمياتي ت??ديلي واري وزارت ۽ ٻين حصيدارن سان گڏجي پي ٽي وي ڪلائميٽ چينج ڊيسڪ تي مقرر عملي کي ت??بيت پڻ فراهم ڪندا. هن چيو ته ڪلائميٽ چينج رپورٽنگ روزاني جي بنياد تي هڪ سرگرمي آهي ۽ اها آفتن کي منهن ڏيڻ جي تياري لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تياري جي کوٽ ۽ وقت کان اڳ وار??نگ جي ڪمزور نظام جي ڪري پاڪستان ۾ قدرتي آفتن سان ٿيندڙ نقصان انهن ملڪن کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي جيڪي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي اڳ کان تياري ڪن ٿا. هن چيو ته پي ٽي وي پنهنجي نيوز سسٽم ۾ موسمياتي ت??ديلي بابت خبرن کي ت??جيح ڏيندي. تقريب کي موسمياتي ت??ديلي واري وفاقي سيڪريٽري سيد آصف حيدر خطاب ڪندي چيو ته موسمياتي ت??ديلي هڪ اهڙي حقيقت آهي جنهن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، ميڊيا جو ڪردار ان ڏس ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. اهو چئلينج تمام تيزي سان اڳتي ڌي رهيو آهي، ان ۾ آگاهي تمام ضروري آهي. هن پي ٽي وي ۾ ڪلائميٽ چينج ڊيسڪ قائم ڪرڻ کي ساراهيو. ان کان اڳ اط??اعات واري وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پي ٽي وي ۾ ڪلائميٽ چينج ڊيسڪ جو افتتاح ڪيو. ڪلائميٽ چينج ڊيسڪ موسمياتي ت??ديلي جي حوالي سان عوام کي هر لمحي جي آگاهي فراهم ڪندو.
ماحولياتي تبديليون زمين جي لاءِ وڏو خطرو آهي، چونڊون فيبروري 2024ع ۾ ٿينديون، پاڪستان جي آئين ۾ لکيل آهي ته هي ملڪ ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا، اسان سمورن رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪنداسين: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری