اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نگران و??يراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي لکيل خط ۾ آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته سمورين سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن کي چونڊ وڙهڻ جو حق حاصل آهي. ايوان صدر پاران جاري ڪيل هڪ پڌرائي موجب صدر پن??نج?? خط ۾ لکيو ته پاڪستان ۾ آزاداڻين، منصفاڻين ۽ قابل اعتماد چونڊن جي لاءِ اتفاق راءِ ??هي?? سمورين سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ ۽ عوام کي انهن کي چونڊڻ جو حق حاصل آهي. صدر ان حوالي سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري عمر ايوب خان پاران مليل خط پڻ موڪليو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان ڳالهه تي روشني وڌي ته جمهوريت ئي پاڪستان جي رياست ۽ عوام جي لاءِ اڳتي وڌڻ جو مناسب رستو ??هي?? ماڻهن جو سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ۽ آزاد ميڊيا جي ذريعي پن??نج?? راءِ جو اظهار ڪرڻ ئي جمهوريت جو روح آهي. پن??نج?? خط ۾ صدر چيو ته اهو انتهائي اهميت رکندڙ آهي ته نگران و??يراعظم جي قيادت ۾ نگران حڪومت سمورين سياسي پارٽين کي برابري جو ميدان فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ غيرجانبدار ڌر طور ڪوششون ڪري. هن چيو ته ان ڏس ۾ نگران حڪومت جي سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين کي ايندڙ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ برابر حق ۽ موقعا فراهم ڪرڻ جي پاليسي تي نگران و??يراعظم جا تازا بيان اطمينان جوڳا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 41 تحت صدر جو عهدو، ملڪي سربراهه جي حيثيت سان جمهوريه جي اتحاد جي علامت ??هي?? آئين موجب سمورن ادارن سميت صدر ۽ وزيراعظم شهرين جي حقن جو تحفظ ڪرڻ جا پابند آهن. صدر لکيو ته پاڪستان جي آئين جو آرٽيڪل 4 واضح طور تي بيان ڪري ٿو ته قانون موجب سلوڪ ڪرڻ هر شهري جو مڃيل حق آهي. هن وڌيڪ چيو ته آئين جي آرٽيڪل 17 موجب سياسي پارٽي جي ميمبرشپ يا تنظيم سازي ڪرڻ هر شهري جو حق آهي. صدر چيو ته آئين جو آرٽي??ل 19 هر شهري کي اظهار راءِ جي آزادي سان گڏ آزاد پريس جو حق ڏي ٿو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي خط، آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ تي زور
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر