اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ قطر جي گڏيل مفاد جي لاءِ معيشت ۽ دفاع جي شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي ز??ر ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ بهتر ٿيندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار قطري هٿياربند فوج جي چيف آف اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل (پائليٽ) سليم حماد عقيل النابت سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو جنهن پنهنجي وفد جي ميمبرن سان گڏ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته پاڪ – قطر لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند ڪاروباري ۽ اقتصادي لاڳاپن ۾ بدلجڻ گهرجي. هن چيو ته هن سال ??اڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 50 هين سالگرهه ملها??ي ويندي، اميد آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ بهتر ٿيندو. صدر گذريل سال جي ٻوڏ دوران انساني امداد فراهم ڪرڻ، مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي مالي مدد تي قطر جا ٿورا مڃيا. صدر قطر کي فيفا 2022ع فٽ بال ??رلڊ ڪپ جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني. صدر قطري چيف آف اسٽاف کي نشان امتياز (ملٽري) جو اعزاز ملڻ تي پڻ مبارڪباد ڏني. صدر ايوان صدر ۾ هڪ خصوصي تقريب ۾ ليفٽيننٽ جنرل (پائليٽ) سليم حماد عقيل النابت کي نشان امتياز (ملٽري) جو اعزاز پڻ عطا ڪيو. صدر اعزاز ٻنهي ملڪن جي فوجن جي وچ ۾ تعاون جي فروغ ۾ ڪر??ار جي اعتراف ۾ عطا ڪيو.
پاڪستان ۽ قطر جي گڏيل مفاد جي لاءِ معيشت ۽ دفاع جي شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق