اسلام آباد-26 آگسٽ (اي پي پي)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آه?? ته ملڪ جي مشڪل معاشي صورتحال باوجود بلوچستان ۾ آبپاشي جي منصوبن جي تعمير ۾ هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. اهڙو اظهار ??ن ڪوئيٽا ۾ بلوچستان ۾ آبپاشي ۽ واٽر سپلائي جي منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس کي بلوچستان ۾ آبپاشي جي جاري منصوبن جن ۾ ڪچين ڍنڍن، پٽ فيڊر ڍنڍ، آوران ڊيم، گشڪور ڊيم، ونڊر ڊيم ۽ ٻيا منصوبا شامل آه?? انهن تي بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۾ زراعت جا وڏا موقعا موجود آه?? جن مان مڪمل طور تي فائدو ناهي کنيو ??يو. هن چيو ته بلوچستان ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي جي حوالي سان مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ??يندو. هن چيو ته آبپاشي معاملي تي بين الصوبائي خدشن کي جلد ختم ڪيو ??يندو ته جيئن ملڪي ترقي جو ڦيٿو تيزي سان هلي سگهي ۽ وفاق مضبوط ٿئي. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن سميت بلوچستان جي نگران وڏي وزير ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
مشڪل معاشي صورتحال باوجود بلوچستان ۾ آبپاشي جي منصوبن جي تعمير ۾ هر ممڪن مدد ڪئي ويندي: نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ