اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حمزه خان آسٽريليا ۾ ڏهاڪن کانپوءِ پاڪستان جي لاءِ اسڪوائش جو ج??ني??ر عالمي ٽائيٽل کٽي پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان بل??د ڪري ڇڏيو، تازو ئي راندين جي فروغ لاءِ سڄي ملڪ ۾ اسپورٽس انيشي ايٽو جي شروعات ڪئ?? آهي جنهن ۾ پاڪستان جي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي، پاڪستان اسپورٽس انڊومنٽ فنڊ ۽ راندين جي فروغ ۽ رانديگرن جي ترقي جا قدم شامل آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ پاڪستان جي باصلاحيت نوجوان حمزه خان سان ملاقات ٿي جنهن تازو ئي آسٽريليا ۾ ڏهاڪن کانپوءِ پاڪستان جي لاءِ اسڪوائش جو ج??ني??ر عالمي ٽائيٽل کٽي پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان بل??د ڪري ڇڏيو، پاڪستان ۾ راندين جي ناڪافي سهولتن جي باوجود نوجوان رانديگرن جي اهڙي بهترين ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي. مون پاڪستان حڪومت پاران حمزه کي هڪ ڪروڙ رپين جي ننڍڙي رقم انعام طور ڏني آهي ۽ ان کان واعدو ورتو آهي ته هو تمام جلد ??نهنجي محنت ۽ لڳاءُ سان اهڙي طرح سينيئر عالم?? چيمپيئن شپ کٽي پاڪستان جو نالو هڪ ڀيرو ٻيهر روشن ڪندو. مون تازو ئي راندين جي فروغ لاءِ سڄي ملڪ ۾ اسپورٽس انيشي ايٽو جي شروعات ڪئ?? آهي جنهن ۾ پاڪستان جي پهرين اسپورٽس يونيورسٽي، پاڪستان اسپورٽس انڊومنٽ فنڊ ۽ راندين جي فروغ ۽ رانديگرن جي ترقي جا قدم شامل آهن، مون کي پوري اميد آهي ته انهن قدمن کانپوءِ حمزه خان وانگر هزارين نوجوان عالمي مقابلن ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪندا.
حمزه خان آسٽريليا ۾ ڏهاڪن کانپوءِ پاڪستان جي لاءِ اسڪوائش جو جونيئر عالمي ٽائيٽل کٽي پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪري ڇڏيو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری