اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ حڪومت زرعي شعبي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي جدت تي وڏي سيڙپڪاري ڪندي، ننڍن آبادگارن جي لاءِ بنا وياج جي قرضن جي پروگرام ۾ توسيع ڪئي وڃي. وز??را??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم محمد شهباز شريف سان ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي قيادت ۾ معاشي ٽيم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ معاشي ٽيم وز??را??ظم کي مالي سال 23 – 2022ع بابت اقتصادي سروي پي?? ڪئي. وز??را??ظم معاشي ٽيم جي گذريل هڪ سال جي ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته گذريل حڪومت جي ننڍي معاشي چئلينجز ۽ تاريخي ٻوڏ جي باوجود معاشي ٽيم جي ملڪي معيشت جي لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وز??را??ظم چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ حڪومت زرعي شعبي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي جدت تي وڏي سيڙپڪاري ڪندي. ننڍن آبادگارن کي اعليٰ معيار جو ٻج ۽ خودڪار زر??ي مشينري سان ليس ڪيو ويندو. وز??را??ظم هدايت ڪئي ته ايندڙ بجيٽ ۾ ننڍن آبادگارن جي لاءِ بنا وياج جي قرضن جي پروگرام ۾ توسيع ڪئي وڃي. في ايڪڙ وڌيڪ پيداوار حاصل ڪندڙ آبادگارن کي حڪومت انعام پڻ ڏيندي. ملاقات ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، مملڪتي وزير ڊاڪٽر عائشه غوث پاشا، خاص معاونين طارق باجوه، طارق پاشا ۽ ناڻي واري وزارت جي اهلڪارن شرڪت ڪئي.
ايندڙ بجيٽ ۾ حڪومت زرعي شعبي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي جدت تي وڏي سيڙپڪاري ڪندي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن