اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آدمشماري بابت ايم ڪي?? ايم جا سمورا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ جي وفد م??اقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال کي آدمشماري جي حوالي سان ايم ڪي?? ايم جا سمورا خدشا جلد کان جلد ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ايم ڪي?? ايم جي وفد آدمشماري تي ايم ڪي?? ايم جي خدشن کي خاطرخواهه حد تائين ختم ڪرڻ جي حوالي سان وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ايم ڪي?? ايم جي وفد ۾ ايم ڪي?? ايم جي ڪنوينر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر خالد م??بول صديقي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام وارو وفاقي وزير سيد امين الحق، قومي اسيمبلي ميمبر فاروق ستار ۽ اڳوڻو سينيٽر مصطف??ٰ ڪمال شامل هئا. ان موقعي تي منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال پڻ موجود هو.
وزيراعظم پاران آدمشماري بابت ايم ڪيو ايم جا سمورا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن