اسلام آباد – 19 – سيپ??مب?? (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اڄ لنڊن کان آمريڪا پهچندو جتي هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم لنڊن ۾ ملڪه برطانيا جي آخري رسمن ۾ شرڪت کانپوءِ نيويارڪ پهچندو. نيويارڪ ۾ موجودگي دوران وزيراعظم جي ٻين ملڪن جي اڳواڻن اهم ٻطرفيون ملاقاتون ٿينديون. 20 سيپ??مب?? تي وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري جي آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. 20 سيپ??مب?? تي وزيراعظم شهباز شريف جي فرانس جي صدر ايمانوئيل مينخوان سان ملاقات ٿيندي. 20 سيپ??مب?? تي وزيراعظم شهباز شريف جي آسٽريا جي چانسلر ۽ اسپين جي صدر سان پڻ ملاقاتون ٿينديون. وزيراعظم شهباز شريف جي يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مائيڪل سان ملاقات ٿيندي. وزيراعظم شهباز شريف گلوبل فوڊ سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. گلوبل فوڊ سيڪيورٽي سمٽ جو اهتمام سينيگال ۽ آفريقي يونين جي صدر ڪيو آهي. 21 سيپ??مب?? تي وزيراعظم شهباز شريف جي آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرستالينا جورجيوا، ورلڊ بئنڪ جي صدر ڊيوڊ ملپس سان ملاقات ٿيندي. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کانسواءِ ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي سان پڻ وزيراعظم شهباز شريف جي ٻطرفي ملاقات ٿيندي. وزيراعظم شهباز شريف سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر جي ملاقات ٿيندي. 21 سيپ??مب?? تي وزيراعظم شهباز شريف آمريڪا جي صدر جو بائيڊن پاران منعقد آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف 21 سيپ??مب?? تي ترڪيه جي صدر ۽ سندس گهرواريءَ جي مان ۾ مانجهاندو ڏيندو. وزيراعظم شهباز شريف جي فن لي??ڊ جي صدر سعالي نوسيتو سان ملاقات ٿيندي. 22 سيپ??مب?? تي وزيراعظم شهباز شريف جي مائيڪروسافٽ جي باني بل گيٽس سان ملاقات ٿيندي. وزيراعظم شهباز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس سان سندس آفيس ۾ ملاقات ٿيندي. وزيراعظم جي چ??ن جي وزيراعظم لي ڪي چ??انگ، جاپان جي وزيراعظم فيوميو ڪاشيڊا، ليگزمبرگ جي وزيراعظم زيوئير بيٽل سان ملاقات ٿيندي. وزيراعظم شهباز شريف جي ملائيشيا جي وزيراعظم اسماعيل صابري يعقوب سان پڻ ملاقات ٿيندي. 23 سيپ??مب?? تي وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو. وزيراعظم جي نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي سان پڻ ملاقات ٿيندي. وزيراعظم دوري دوران ناليواري آمريڪي اخبار ۽ ميڊيا کي انٽرويوز پڻ ڏيندو.
وزيراعظم لنڊن کان آمريڪا پهچندو، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق