ڪوئيٽا – 14 – آگسٽ (اي پي پي) بلوچستان ۾ 75 هون ??زا??ي جو ڏهاڙو روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، بلوچستان ۾ ??زا??ي جي ڏهاڙي جي تقريبن جي شروعات صوبائي گادي واري شهر ڪوئيٽا ۾ 21 توپن جي سلامي سان ٿي، ڪوئيٽا گريزن سميت سڄي صوبي ۾ فجر جي نماز کانپو??ِ ملڪ جي ترقي، سلامتي، يڪجهتي، مسلمان امت جي اتحاد ۽ ڪشميرين جي جدوجهد ۾ ڪاميابي جي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون، بلوچستان ۾ ??زا??ي جي ڏهاڙي جي سڀ کان وڏي تق??يب ڪوئيٽا ۾ صوبائي اسيمبلي جي باغيچي ۾ ٿي جتي بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو قومي جهنڊو ڦڙڪائي تق??يب جي شروعات ڪئي، ان ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، پارلياماني سيڪريٽرين ۽ اسيمبلي ميمبرن سميت سول ۽ فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي. تق??يب کي خطاب ڪندي بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو چيو ته پاڪستان هڪ مضبوط ملڪ آهي ۽ مختلف چئلينجن کي منهن ڏيندي اسان اڳ??ي وڌي رهيا آهيون، 27 رمضان المبارڪ تي وجود ۾ آيل هي ملڪ الله تعاليٰ جي نعمت آهي اسان کي گڏجي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ ذات پات، قوميت، سنڌي، پنجابي، بلوچ، پشتون مان نڪري هڪ قوم جي حيثيت سان اڳ??ي وڌڻو پوندو. پاڪستان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي ۽ ڪير به ميري اک سان نه ٿو ڏسي سگهي.
پاڪستان هڪ مضبوط ملڪ آهي ۽ مختلف چئلينجن کي منهن ڏيندي اسان اڳتي وڌي رهيا آهيون: بلوچستان جي وڏي وزير جو آزادي جي ڏهاڙي جي تقريب کي خطاب
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون