اسلام آباد – 12 8211; آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي ??هرين چونڊيل وزيراعظم شهيد لياقت علي خان کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف اهو ٻيو چونڊيل وزيراعظم بڻجي ??يو آهي جيڪو پاڪستان قائم ٿيڻ جي 75 سال مڪمل ٿيڻ تي انتهائي منفرد انداز ۾ ٻيهر رڪارڊ ڪيل قومي تراني کي آچر ڏينهن 14 آگسٽ 2022ع تي رليز ڪندو. هتي جاري پڌرائي موجب پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو ڊسمبر 1948ع ۾ سردار عبدالرب نشتر جي سربراهي ۾ پاڪستان حڪومت جي ڪميٽي قومي تراني جي تياري تي ڪم شروع ڪيو هو. احمد ڇاگلا جي تيار ڪيل ڌُن کي پهريون ڀيرو وزيراعظم لياقت علي خان ۽ ڪميٽي جي ??يمبرن آڏو پيش ڪيو ويو هو. قومي تراني جي ??اءِ قائم اسٽيئرنگ ڪميٽي 10 آگسٽ 1950ع تي ان ڌُن جي ??نظوري ڏني. آگسٽ 1954ع ۾ حفيظ جالنڌري جي ??کيل ڪمپوزيشن کي باضابطا منظور ڪرايو ويو. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي گذريل حڪومت جي دور ۾ آگست 2017ع ۾ قومي تراني کي ٻيهر رڪارڊ ڪرڻ جو سلس??و شروع ٿيو. ان مقصد جي ??اءِ سمورين ناليواري اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪيا ويا. مريم اورنگزيب اپريل 2022ع ۾ اطلاعات واري وزارت جو قلمدان سنڀالڻ کانپوءِ ان منصوبي کي مڪمل ڪرڻ جو ڪم تيزي سان شروع ڪيو. سينيٽر (ر) جاويد جبار جي سربراهي ۾ اسٽيئرنگ ڪميٽي جوڙي وئي جنهن جي ??اتحت آڊيو، ويزيول ذيلي ڪميٽيون جوڙيون ويون. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت سميت مختلف ادارن، کاتن ۽ وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شموليت سان اها قومي ڪوشش مڪمل ٿي. هٿياربند فوج جي عوامي لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) جي حصيداري سان ٽنهي هٿياربند فوج جي براس بينڊز (سازينه) پڻ ان قومي ڪوشش ۾ شامل هئا. ان ۾ 155 گلوڪارن، 48 موسيقارن ?? 6 بينڊ ماسٽرز شرڪت ڪئي. خاص ڳالهه اها آهي ته قومي تراني کي نئين سازينه سان بهترين عڪسبندي سان رڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ ان کي پاڪستان جي سمورن ثقافتي، تهذيبي ۽ علائقائي رنگن جي ??وس قزح بڻايو ويو آهي. اتحاد، اخوت ۽ علائقائي سڃاڻپ جو پيغام ڏنو ويو آهي.
لياقت علي خان کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف 14 آگسٽ تي نئين سر رڪارڊ ڪيل پاڪستان جو قومي ترانو ريليز ڪندو
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔