گوادر – 03 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گوادر ۾ هر گهر کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ سولر پينلز جي ذريعي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيني سيڙپڪارن کي هر ممڪن تعاون جي خاطير ڪرائيندي منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال کي جامع ڳالهيون ڪرڻ ۽ سمورن مسئلن جي حل لاءِ واضح روڊ مي?? تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن اهي هدايتون چيني ڪمپنين جي وفد سان ملاقات دوران ڏنيون. وزيراعظم انهن کي گوادر شهر ۾ ڊي سيلينيشن پلانٽ لڳائي هر گهر کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ سولر پينلز جو استعمال ڪري بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. هن گوادر ايئرپورٽ کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ ۽ گ??ادر پورٽ کي دنيا جي مصروف ترين ۽ منافعو ڏيندڙ بندرگاهه بڻائڻ تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم ان مقصد جي لاءِ چيني سيڙپڪارن کي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. هن منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال کي ان سلسلي ۾ چيني سيڙپڪارن سان جامع ڳالهيون ڪرڻ ۽ سمورن مسئلن جي حل لاءِ واضح روڊ مي?? تيار ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. ملاقات ?? منصوبابندي ۽ ترقي وارو ??فاقي وزير احسن اقبال، منشيات جي خاتمي وارو ??فاقي وزير نوابزاده شاهه زين بگٽي، خاص معاونين طارق فاطمي ۽ فهد حسين کانسواءِ ٻيون اهم سياسي شخصيت??ن پڻ موجود هيون.
وزيراعظم شهباز شريف پاران گوادر ۾ هر گهر کي پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪرڻ ۽ سولر پينلز جي ذريعي بجلي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ