اسلام آباد – 28 – مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين م??مد ??اد?? سنجراڻي چيو آهي ته پوري قوم کي ايٽمي طاقت هجڻ تي فخر آهي، يوم تڪبير پاڪستاني قوم لاءِ قومي غيرت، قوم جي بي مثال جرئت ۽ بهادري جي علامت جو ڏينهن آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن تڪبير جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو، سينيٽ جي چيئرمين چيو ته 28 مئ?? پاڪستان جي تاريخ جو هڪ ناقابل فراموش ڏينهن آهي، ان ڏينهن ايٽمي ڌماڪن جي ذريعي پيغام ڏنو ويو ته پاڪستان جي خلاف جارحيت ڪندڙن جو انجام عبرتناڪ ٿيندو، ايٽمي ڌماڪا ڪر?? پاڪستان دشمن ملڪ ڀارت جي برتري جو غرور مٽي ۾ ملائي ??ڏي??، هن چيو ته ايٽمي صلاحيت پاڪستان جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي ??ڏي?? آهي، سڄي قوم کي ايٽمي طاقت هجڻ تي فخر آهي، تڪبير جو ڏهاڙو پاڪستاني قوم لاءِ قومي غيرت، قوم جي بي مثال جرئت ۽ بهادري جي علامت جو ڏينهن آهي، هن چيو ته پاڪستان ايٽمي طاقت هجڻ جي ڪري مسلمان دنيا ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو، هن چيو ته قومي يڪجهتي ايٽمي سياستدانن ۽ پاڪ فوج جي واکاڻ جوڳين خدمتن جي ڪر?? پاڪستان کي هڪ ايٽمي طاقت بڻجڻ جو اعزاز حاصل ٿيو، پاڪستان کي ايٽمي طاقت بنائڻ لاءِ قومي قيادت جي نه جهڪندڙ عزم کي به خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.
پوري قوم کي ايٽمي طاقت هجڻ تي فخر آهي: سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔