اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته روزاني ڊان پيٽرول جي اگهن ۾ اضافي جي اثرن ۽ ناڻي واري وزارت جي ترجمان جي فيڪ اڪائونٽ تان ٽوئيٽ بابت خب?? ته پهرين صفحي تي نمايان انداز ۾ شايع ڪئي پر اڄ ٻئي ڏينهن ان تي ڪجهه لائينن جي معذرت اندر جي صفحي تي غيرنمايان انداز ۾ شايع ڪئي، ا??و رويو صحافت جي آزادي جي خلاف آهي. وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اهو پهريون موقعو نه آهي جو ڊان فيڪ سوشل ميڊيا جي بنياد تي پهريون صفحو ڀري ڇڏيو هجي. هن چيو ته ڊان جي پهرين صفحي تي خب?? ڏسو ۽ ان خب?? تي معذورت ڪٿي ڇپي آهي، ا??و به ڏسو. هن چيو ته ان کان اڳ ڊان نيوز فيڪ ميڊيا قانون شايع ڪيو ۽ ايڊيٽوريل به لکي ڇڏيو ۽ اڄ تائين معافي ناهي ورتي، ا??و رويو صحافت جي آزادي جي خلاف آهي. ياد رهي ته ڊان نيوز ناڻي واري وزارت جي ترجمان جي فيڪ اڪائونٽ تان ٽوئيٽ کي بنياد بڻائي فرنٽ پيج تي خب?? لڳائي هئي. چوڌري فواد حسين ان حوالي سان ناڻي واري وزارت جي ترجمان مزمل اسلم جو ٽوئيٽ پڻ شي??ر ڪيو آهي جنهن ۾ هن چيو آهي ته ڊان هٿ ٺوڪي خب?? ته پهرين صفحي تي شايع ڪئي ۽ ان خب?? تي معذرت اندر جي قومي خب??ن جي صفحي تي شايع ڪئي. ميڊيا جو اهو طرزعمل نه هجڻ گهرجي. اخبار معذرت به انهي صفحي تي شايع ڪري جنهن تي خب?? شايع ڪئي وئي هئي ٻي صورت ۾ ان جي ڪا ضرورت نه آهي.
روزاني ڊان پيٽرول جي اگهن ۾ اضافي جي اثرن ۽ ناڻي واري وزارت جي ترجمان جي فيڪ اڪائونٽ تان ٽوئيٽ بابت خبر پهرين صفحي تي نمايان انداز ۾ شايع ڪئي پر معذرت اندر جي صفحي تي غيرنمايان انداز ۾ شايع ڪئي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری