اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان انساني همدردي جي بنياد تي وا??گا بارڊر جي رستي ڀارت کان 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ۽ زندگي ??چائيندڙ دوائون افغان ٽرڪن جي ذريعي افغانستان منتقلي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان انساني همدردي جي بنياد تي افغان عوام کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ جي غرض سان ڀارت کان 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ۽ زندگي ??چائيندڙ دوائون وا??گا بارڊر ۽ طورخم جي رستي افغان ٽرڪن جي ذريعي افغانستان منتقلي جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو مجوزه انساني امداد ۾ سهولت جي فراهمي لاءِ حڪومت پاڪستان جي عزم ۽ سنجيدگي ??و ثبوت ??هي. ان فيصلي سان پرڏيهي وزارت ۾ ڀارتي ناظم الامور کي آگاهه ڪيو ويو. ڀارتي حڪومت تي به زور ڏنو ويو ته هو افغانستان کي انساني امداد جي فراهمي ۾ تيزي ??ڻڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي.
مضمون کا ماخذ : رومن دولت