اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي جيو اڪنامڪ ويزن کي ??رامن افغان ذريعي وچ ايشيا ۾ فروغ ملي رهيو آهي. پاڪستان وچ ايش??ا جي ملڪن سان معاشي رابطا قائم ڪرڻ ذريعي ترقي جا نوان هدف مقرر ڪري رهيو آهي ۽ پرامن افغانستان ذريعي علائقائي خوشحالي جي رستي تي گامزن آهي. وزيراعظم عمران خان جي جيو اسٽريٽجڪ کان جيو اڪنامڪ پاليسين جي ويزن جي تبديلي جي نتيجي ۾ پاڪستان ترقي جي رستي تي گامزن آهي جنهن جي نتيجي ۾ علائقائي رابطن جي فروغ ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي سمورن موقعن مان فائدو کنيو پيو وڃي. وفاقي حڪومت از??ڪستان، تاجڪستان، ترڪمانستان، قزغستان ۽ قزاقستان جهڙن 5 لينڊ لاڪ ملڪن سان علائقائي رابطن جي فروغ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي جنهن جي ڪري ويجهي مستقبل ۾ وڏي معاشي تبديلي نظر ايندي جڏهن ته ترقي جو اهو سفر پرامن افغانستان سان واڳيل آهي ڇو ته خوشحالي جي ان ويزن مان حقيقي فائدو افغانستان ۾ امن امان سان ڳنڍيل آهي. وزيراعظم عمران خان مختلف موقعن تي ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو آهي ته پاڪستان پنهنجي بهترين مفاد جي لاءِ افغانستان ۾ امن امان جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ دلچسپي رکندڙ ملڪ آهي. پاڪستان، افغانستان ۾ امن امان جو خواهشمند آهي ڇو ته پاڪستان جي معاشي حڪمت عملي ان تي دارومدار ڪري ٿي. وزيراعظم تازو ئي پاڪستان جو دورو ڪندڙ افغان صحافين جي وفدن سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ پرامن افغانستان پاڪستان جي وچ ايشيائي ملڪن سان واپار جي فروغ لاءِ اهم آهي ۽ ان سان افغانستان پاڪستان ۾ گوادر جي بندرگاهه مان پڻ فائدو کڻي سگ??ي ٿو. ه?? چيو ته 2 فيبروري 2021ع تي پاڪستان، از??ڪستان ۽ افغانستان ڪابل جي رستي مزار شريف کان پشاور 573 ڪلوميٽر ڊگهي روٽ جي تعمير تي پڻ اتفاق ڪيو. ان منصوبي تي لاڳت جو ڪاٿو 5 ارب ڊالر آهي جنهن جي مڪمل ٿيڻ سان از??ڪستان جي لاءِ پاڪستاني ۽ بحيره عرب جي بندرگاهن تائين پهچ آسان ٿيندي ۽ افغانستان به وچ ايشيائي معاشي نظام سان ڳنڍجي ويندو. نئين ڪوريڊورز جي تعمير سان علائقائي رابطن ۾ بهتري کانسواءِ 20 ملين ٽن ڪارگو جي سالياني پهچ پڻ ڪري سگ??بي. وزيراعظم عمران خان ۽ از??ڪ صدر شوڪت مرزايوف 14 اپريل 2021ع تي هڪ ورچوئل ميٽنگ دوران ترميز، مزار شريف، ڪابل، پشاور، ريلوي لائين جي تعمير جي پڻ حمايت ڪئي هئي ۽ ان قدم سان وچ ايش??ا جي ملڪن جي پاڪستان جي ڪراچي، گوادر ۽ پورٽ قاسم جي بندرگاهن ذريعي بحيره عرب تائين پهچ وڌائي سگ??جي ٿي، جولاءِ ۾ پنهنجي تازي از??ڪستان جي دوري جي موقعي تي عمران خا?? چيو ته گڏيل رابطن ۾ اضافي جي اهليت جي بنياد تي پاڪستان علائقائي ملڪن سان واپاري لاڳاپن جي فروغ کي بنيادي اهميت ڏي ٿو. هن ٽرانس افغان ريلوي پراجيڪٽ کي ??اڪستان ۽ از??ڪستان جي لاءِ انتهائي اهم منصوبو قرار ڏنو ۽ چيو ته منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان پاڪستان جي چ ايش??ا جي وڏي ملڪ از??ڪستان سميت ٻين رياستن سان معاشي ۽ واپاري رابطن ۾ اضافو ٿيندو. ه?? چيو ته علائقائي رابطن ۾ اضافي سان وچ ايش??ا جا ملڪ سي پيڪ منصوبي مان پڻ فائدو کڻي سگ??ندا ۽ ٽرانسپورٽ، فائبر آپٽڪس ڪيبل، انرجي پائيپ لائينز ۽ خصوصي اقتصادي زونز ۾ سيڙپڪاري جي منصوبن مان فائدو کڻي سگ??ن ٿا. تاشقند ۾ سينٽرل اينڊ سائوٿ ايشيا سمٽ، موقعا ۽ مسئلا جي موضوع تي منعقد ڪانفرنس ۾ شريڪ اڳواڻن کي خطاب ڪندي جولاءِ ۾ وزيراعظم عمران خان افغان صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ه?? چيو ته گڏيل مفاد جي لاءِ پاڪستان پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ سياسي حل جو خواهشمند آهي. ه?? چيو ته افغانستان ۾ امن امان سان پاڪستان، از??ڪستان ۽ وچ ايش??ا جي ٻين ملڪن جي رابطن کي ??ڌائي سگ??جي ٿو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پڻ افغانستان ۾ پائيدار امن امان کي علائقائي رابطن جي لاءِ اهم قرار ڏنو. ه?? چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ پائيدار امن جو خواهشمند اهي ۽ ان حوالي سان سموريون ممڪن ڪوششون ڪيون پيون وڃن. تاشقند ۾ ڳالهائيندي ه?? چيو ته علائقائي رابطا وڌڻ سان پوري خطي جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مدد ملندي. تاشقند ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ از??ڪ صدر جي جولاءِ ۾ ٿيندڙ ملاقات کانپوءِ ڳالهائيندي ه?? چيو ته ٻنهي اڳواڻن گوادر کان تاشقند ٽرين سروس جڏهن ته ڪراچي کان تاشقند ٽرڪ سروس شروع ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود چيو ته پاڪستان پاڙيسري ملڪ افغانستان ۽ وچ ايش??ا جي ملڪن سان واپار وڌائڻ چاهي ٿو جنهن جو مقصد وڏين طاقتن کانسواءِ گڏيل واپار جو تنوع آهي. افغانستان مان آمريڪي فوج جي واپسي افغانستان جي ترقي جو پيغام آهي ۽ ان سان پاڪستان کي ??وقعو مليو آهي ته هو پنهنجي پاڙيسري ملڪن ڏکڻ ۽ وچ ايش??ا جي ملڪن سان واپاري لاڳاپن کي ??ستحڪم ڪري. پاڪستان وچ ايش??ا جي منڊين ۽ واپار جي موقعن مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو ۽ پنهنجي صنعتي ترقي جي هدفن جي لاءِ انهن رياستن ۾ دستياب توانائي جي وسيلن مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو. پاڪستان افغانستان ۾ سياسي حل تي پڪو يقين رکي ??و جيڪو ترقي جي سفر جو ضامن ٿي سگ??ي ٿو. عالمي معاملن جي ماهر?? چيو آهي ته ڏکڻ ۽ وچ ايش??ا جي رابطن سان ڪيترن ئي ملڪن کي ??ائدو ٿيندو. ڪابل جي رستي مزار شريف کان پشاور ريلوي لائين سان اتر ۽ ڏکڻ روس جي سفر ۾ 600 ڪلوميٽر گهٽتائي ٿيندي. اهڙي طرح سفر ۾ گهٽتائي جي نتيجي ۾ ڏکڻ ايشيا ۽ اوڀر آفريقا جي ملڪن سا?? چين جي واپار ۾ سهولت ٿيندي ۽ شپنگ جي وقت ۾ نمايان گهٽتائي ٿيندي. 15 جولاءِ 2021ع تي پاڪستان، از??ڪستان، افغانستان ۽ آمريڪا ان تي اصولي اتفاق ڪندي اعلان ڪيو هو ته علائقائي رابطن جي واڌاري لاءِ گهڻ ملڪي سفارتي پليٽ فارم قائم ڪيو ويندو جنهن سان علائقائي رابطن ۾ اضافي جي حڪمت عملي کي ??ستحڪم ڪري سگ??بو. امن امان ۽ علائقائي رابطن ۾ اضافو جيو اڪنامڪ حڪمت عملي جو اهم عنصر آهي. ماهرن ان يقين جو اظهار ڪيو آهي ته ڏکڻ ايش??ا جو ملڪ پاڪستان وچ ايشيائي ملڪن کانسواءِ ٻين ملڪن سان گڏيل رابطن جي فروغ لاءِ تيزي سان ٺوس ۽ متنوع قدم کڻي رهيو آهي.
وزيراعظم عمران خان جي جيو اڪنامڪ ويزن کي پرامن افغان ذريعي وچ ايشيا ۾ فروغ ملي رهيو آهي
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش