اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان يو اين ڊي پي (يونائيٽيڊ نيشنز ڊولپمينٽ پروگرام) جي وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، سماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ ٻيا سينئر آفيسر موجود هئا. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب يو اين ڊي پي جي پاڪستان ۾ موجود نمائنده ايليونه نيڪوليٽا وزيراعظم عمران خان جي هيومن ڊولپمينٽ ۾ خصوصي دل??سپي کي ??ار??هيندي چيو ته وزيراعظم جي ذاتي دل??سپي جتي ملڪ ۾ انساني ت??قي جي فروغ جو سبب آهي اتي يو اين ڊي پي جي مقصدن جي تڪميل ۾ به مددگار ثابت ٿي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت طرفان سسٽين ايبل ڊولپمينٽ گولز (پائيدار ت??قي جا مقصد) کي اختيار ڪرڻ، انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ موثر حڪمت عملي ۽ وسيلن جي فراهمي ??هايت قا??ل تحسين آهي، هن يو اين ڊي پي کي حڪومت طرفان فراهم ڪيل سپورٽ تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو، يو اين ڊي پي جي وفد ڪووڊ دوران حڪومت پاڪستان جي حڪمت عملي خاص طور تي معاشي عمل جي رواني ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن جي مالي مدد جهڙن قدمن کي ??ار??هيو.
وزيراعظم عمران خان سان يو اين ڊي پي جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک