اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) ملڪي پارلياماني تاريخ جي 15 هين قومي اسيمبلي گذريل ٻن سالن دوران مجموعي طور تي 42 بلن سميت توهين آميز خاڪن، تحفظ ختم نبوت، ڀارتي غير قانوني والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ ستم ۽ غير قانوني قدمن جي ??والي سان 43 قراردادن جي منظوري ڏني، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ??ريعن موجب 25 جولاءِ 2018ع جي ??ام چونڊن جي نتيجي ۾ 15 هين قومي اسيمبلي 13 آگسٽ 2018ع تي حلف کنيو، گذريل ٻن سالن جي ??وران پارليامي??ٽ جا 6 گڏيل اجلاس منعقد ٿيا جنهن مان 17 سيپٽمبر 2018ع ۽ 12 سيپٽمبر 2019ع کي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪيو. 19 فيبروري 2020ع تي ترڪ صدر رجب طيب اردوان پارليامي??ٽ جي ٻنهي ايوانن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪيو، ان کانسواءِ پاڪستان کي ڀارت طرفان ڏنل ڌمڪي کي بحث هيٺ آڻڻ لاءِ 28 فيبروري 2019ع تي پارليامي??ٽ جي ٻنهي ايوانن جو خصوصي گڏيل اجلاس منعقد ڪيو ويو، قومي اسيمبلي ٻن سالن ۾ 2 نجي ??لن جي ??ه منظوري ڏني جنهن ۾ پاڪستان انسٽيوٽ آف پارليامينٽري سروسز بل ۽ دستور (ترميمي) به شامل آهي. دستور ترميمي بل آئين جي ??رٽيڪل 51 ۽ 106 ۾ ترميم تي مشتمل آهي جيڪو فاٽا جي ??وبائي ۽ قومي اسيمبلي جي ??يٽن بابت آهي، اهو بل قومي اسيمبلي منظور ڪري سينيٽ کي موڪلي ڇڏيو آهي، قومي اسيمبلي 40 حڪومتي بلن جي منظوري ڏني جنهن ۾ ٻه فنانس بل به شامل آهن.
ملڪي پارلياماني تاريخ جي 15 هين قومي اسيمبلي گذريل ٻن سالن دوران مجموعي طور تي 42 بلن سميت 43 قراردادن جي منظوري ڏني
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی