اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? آهي ته وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي شگر ڪميشن جي رپورٽ منظرعام تي آندي وئي آهي، هاڻي پئسو ٺاهيندڙن کان پئسو واپس وٺڻ?? آهي، ان جي لاءِ ڪم شروع ڪيو وي?? آهي، ماضي ۾ روايت رهي آهي ته ڪميشن ٺهنديون رهيون پر رپورٽ سامهون نه ايندي هئي. هو پي آءِ ڊي ۾ وزيراعظم جي خاص معاون شهزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ماضي جي حڪومتن جي ڪري ملڪ پٺتي ويندو رهيو، تحريڪ انصاف احتساب جو نعرو هنيو ۽ ان تي پورو لهندي، اسان حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ واعدو ڪيو ته احتساب سڀني جو ٿيندو، وزيراعظم عمران خان کنڊ جي معاملي تي پاڻ ڪميشن ٺاهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ