نيويارڪ – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان س??ن ملاقات ڪئي. اها ملاقات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ٿي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفا لاڳاپا مستحڪم بڻائڻ بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ علائقائي امن ۽ سلامتي جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪي جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، قدرن، ثقافت، تاريخ، گڏيل اعتماد ۽ تعاون تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ??لڪ?? جي عوام جي وچ ۾ رابطا اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ بدلجي ويا آهن ۽ هر گذرندڙ ڏينهن س??ن گڏ اهي وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا آهن. ٻنهي ??لڪ?? جي وچ ۾ باقاعده اعليٰ سطحي مٽاسٽا ۽ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل ذريعي اداراجاتي رابطن کي ساراهيندي ٻنهي اڳواڻن ??ياسي، دفاعي، واپاري ۽ سيڙپڪاري مٽاسٽا جي فروغ تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم سان ترڪي جي صدر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد