ماسڪو _20 ڊسمبر (اي پي پي ) روس چيو آهي ته هو آمريڪا جي نئين انتطاميه جي اقتدار سنڀالڻ تي پنهنجي سفارتي ملڪيت جي واپسي لاءِ مٿس دٻاءُ وجهنداسين. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه نائب پرڏيهي وزير سرگئي ريابڪوف صحافين سان ڳالهائڻ د??را?? چئي. هن چي?? ته جڏهن نئين آمريڪي انٽطاميه اقتدار سنڀاليندي ته روس پنهنجي سفارتي ملڪيت جي واپسي جي معاملي تي مٿس دٻاءَ وجهندو. سندس چوڻ ه?? ته ان مسئلي تي ان وقت تائين خاموش نٿو رهي سگهجي جيسيتائين اس??ن غير قانوني طور تي ضبط ڪيل سفارتي ملڪيتن جي سمورين شين جي واپسي کي يقيني نه بڻائينداسين . هن چي?? ته اسان ان تي ڪم ڪيو آهي ۽ مستقبل ۾ به ڪم ڪندا رهنداسين. ان معاملي تي ڌيان آهي. نئين آمريڪي انتظاميه کي تيار رهڻ گهرجي ته اسان ان سلسلي ۾ ان سان گڏ مسلسل اهو معاملو اٿارينداسين.
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس