سان جوز _18 جنوري (اي پي پي )ڏکڻ ڪوريا جي ڪمپني سام سنگ آرٽيفيشل انٽيليجنس فيچرز وارو جديد ترين گليڪسي سمارٽ ??ون پريميم ايس _24 الٽرا متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي . اي ايف پي مطابق سام سنگ جي صدر ان موقعي تي آمريڪي رياست ڪ??لي??ورنيا جي شهر سان جوز جي سليڪون ويلي ۾ هڪ اسپورٽس سينٽر ۾ منعقد تقريب ۾ شرڪت ڪئي . ان موقعي تي هن چيو ته مصنوعي ذهانت موبائل جي صنعت ۾ وڏي تبديلي آڻڻ واري آهي .مستقبل ۾ موبائل ??ون مصنوعي ذهانت تائين رسائي جو بنيادي پوائنٽ هوندو ۽ سام سنگ ان حوالي سان قائداڻو ڪردارادا ڪرڻ جو خواهشمند آهي . پريميم ايس -24 الٽرا ڪال دوران مختلف ٻولين جو ترجمو ڪرڻ جي صلاحت رکي ٿو ۽ ان ذريعي ٻه اهڙا ماڻهو به ??ون تي ڳالهيون ڪري سگهندا جيڪي هڪ ٻئي جي ٻولي نٿا سمجهن . اها سهولت دنيا ۾ ڳالهائجندڙ 13 ٻولين لاءِ دس??يا?? هوندي ۽ ان لاءِ ترجمي نگار کي سام سنگ پنهنجي اي آءِ اي ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي ??يا?? ڪيو آهي . ??ون ۾ گوگل سان واڳيل هڪ غير معمولي سرچ فنڪشن به ڏنو ويو آهي.ان فنڪشن جي استعمال سان صارف پنهنجي سامهون واري شخص جي ڪنهن به ٽيڪسٽ مان ڪنهن به اصتلاح يا تصوير کي دائرو لڳائي ڳولهي سگهندو. ان ??ون ۾ ميسيجنگ ۽ نيويگيشن جهڙو سسٽم به شامل آهي. ان سسٽم کي به مصنوعي ذهانت سان ڳنڍيو ويو آهي. آءِ ??ون – 15 جيان سام سنگ جو پ??يميم ايس – 24 الٽرا ٽائينيم فريم سان گڏ آهي ـ ان جي شروعاتي قيمت 1299 ڊالر رکي وئي آهي.
سام سنگ اي آءِ فيچرز ۽ ڪال دوران ترجمو ڪندڙ گليڪسي سمارٽ فون متعارف ڪرائي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ