اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پنج ساله ”اُڏار پاڪستان“ منصوبو مع??شت کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ملڪ کي ترقيءَ جي ??اهه ت?? گامزن ڪرڻ لاءِ ترتيب ڏنو ويو آهي، منصوبي جو مقصد جديد مع??شت وارا سڌارا ۽ ڊگهي مُدي جي ??ڪمت عملي ذريعي پاڪستان کي مالي خودمختياري طرف وٺي و??ڻ آهي. اهڙو اطهار هن ڪالهه ”اُڏام پاڪستان“ جي ??والي سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ”اُڏار پاڪستان“ منصوبو ملڪ جي معاشي ترقيءَ لاءِ جامع سڌارن ۽ قدمن تي ٻَڌل آهي. هن امن امان، سياسي ۽ معاشرتي استحڪام ۽ مسلسل سڌارن واري عمل ذريعي ترقيءَ جي ??سلسل کي يقيني بنائڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته پاليسين جي هم اهنگي ۽ مستقل مزاجي ??هم عمل آهن ته جيئن ترقياتي هدف حاصل ڪري سگهجن. هن چيو ته ”اُڏار پاڪستان“ منصوبو مع??شت کي مضبوط بنائڻ ۽ ملڪ کي ترقيءَ جي ??اهه ت?? گامزن ڪرڻ جو عزم رکي ٿو. هن چيو ته پاڪستان کي 2047ع تائين 3 کرب ڊالرن جي مع??شت ۽ 2030ع تائين دنيا جي ٽاپ 20 معيشتن ۾ شامل ڪرڻ جو منصوبو آهي، روانگي واپار ۾ ميڊ اِن پاڪستان شين جي ??وانگي واپار تي ڌيان ڏنو ويندو، جديد ٽيڪنالاجي کي مع??شت جو حصو بڻائڻ ۽ ”ٽيڪنو معيشت“ کي هٿي ڏيڻ آهي. هن چيو ته زراعت جي ميدان ۾ هڪ هزار زرعي ماهرن کي چين ۾ تربيت ڏيڻي آهي، معدنيات جي ??عبن ۾ بلوچستان جا وسيلا ڪتب آڻڻ لاءِ قدمن تي خاص توجهه ڏني ويندي. هن چيو ته بليو اڪانومي ۾ فشنگ ۽ سامونڊي وسيلن کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ جي ??رورت آهي، ثقافتي صنعت، تخليقي ۽ ثقافتي شعبن جي ??رقي به شامل آهن. هن چيو ته نجي ??عبي جي ڀرپور سپورٽ فراهم ڪنداسين، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين پاران اُماڻيل ناڻي ذري??ي حصو وِجهڻ جي ??رغيب ڏني وئي. احسن اقبال ايڪسچينج ريٽ جي ??ستحڪام کي ملڪي مع??شت لاءِ مُک قرار ڏنو ۽ چيو ته ان جو ڀاڙڻ روانگي واپار ۾ واڌ تي آهي. هن چيو ته روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ لاءِ عوامي شعور اجاگر ڪرڻ ۽ـ ميڊيا ذريعي هڪ قومي تحريڪ هلائڻ تي زور ڀريو ته جيئن نوجوان نسل ۾ روانگي واپار جي ??هميت کي اجاگر ڪري سگهجي. هن ان ڳالهه ت?? زور ڀريو ته ”اُڏام پاڪستان“ منصوبو هڪ جامع حڪمت عملي آهي جيڪا مع??شت جي مختلف رُخن کي گڏائي پائيدار ترقي جي ??اهه هموار ڪندو، هي منصوبو روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ، پرڏيهي ناڻي جي ??خيرن ۾ واڌ ۽ مجموعي معاشي استحڪام لاءِ هڪ واضح لائحه عمل فراهم ڪري ٿو.
اُڏار پاڪستان منصوبو معيشت کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ملڪ کي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ ترتيب ڏنو ويو آهي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : números quina hoje