اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) قومي ايمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق آرمي پبل?? اسڪول پشاور( اي پي ايس)جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته انهن شهيدن ج??ن قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون، 16 دسمبر 2014ع جو سانحو قومي تاريخ جو ڪارو باب آهي جنهن کي هميشه ياد رکيو ويندو. اي پي ايس جي معصوم شاگردن ۽ استادن جي قربانين قوم کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ متحد ڪيو. سومر ڏينهن پنهنجي بيان ۾ سردار اياز صادق چيو ته اي پي ايس جا شهيد دهشتگردي خلاف اسان جي قومي اتحاد ۽ عزم جي علامت آهن سندن والدين جي صبر ۽ حوصلي کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته پارليامينٽ ميمبر دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ??ان??نسازي ذريعي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پر عزم آهن. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سيڪيورتي فورسز لازوال قربانيون ڏنيون آهن. هن جنگ ۾ پوري قوم متحد آهي. هن چيو ته ملڪ مان آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.
اي پي ايس جي شاگردن ۽ استادن جي قربانين قوم کي دهشتگردي خلاف متحد ڪيو: سردار اياز صادق
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت