اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته شنگهائي سهڪار تنظيم جو اجلاس منعقد ڪرڻ لاءِ سمورن ادارن ۽ کاتن گڏيل سهڪار سان بهتر انتظام ڪيا آ??ن. پاڪستان علائقائي سهڪار ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي، جٽ??دار ترقي لاءِ خطي ۾ امن ۽ استحڪام ضروري آهي، هڪ سياسي پارٽي احتجا?? جو سڏ ڏئي ايس سي او کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي، قومي اهميت جي ايونٽ جي موقعي تي احتجاج هاڪاري پيغام ناهي، پي ٽي آءِ کي احتجا?? جو سڏ واپس وٺڻ گهرجي. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سڌ سماءَ وارو وفاقي وز??ر عطاالله تارڙ به ساڻس گڏ هو. ان کان پهرين ايس سي او سربراهه ڪانفرنس جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ واڪ جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن جي قيادت نائب وز??راعظم اسحاق ڊار ۽ وفاقي وز??ر عطاالله تارڙ ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نائب وز??راعظم اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان ايس سي او سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جي آجيان لاءِ تيار آهي، ايس سي او اجلاس ۾ ميمبر ۽ مبصر ملڪن جا سربراه ۽ نمائندا شريڪ ٿيندا، ڀارت جو پرڏيهي وز??ر به ايس سي او ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته ڪيترن ئي سالن کان پوءِ پاڪستان وڏي عالمي ايونٽ جي ميزباني ڪري رهيو آهي ۽ شاندار ميزباني جي ذميداري احسن طريقي سان انجام ڏيندو. هن چيو ته چين جو وز??راعظم پاڪستان جو دورو ڪندو، ڀارتي پرڏيهي وز??ر پاران ٻه طرفي ملاقات لاءِ ڪا به درخواست ناهي ملي. ايس سي او سيڪريٽري جنرل ميڊيا کي ڪانفرنس بابت بريفنگ ڏيندو. اسحاق ڊار چيو ته سڌ سماءَ واري وزارت، پرڏيهي وزارت، سميت سمورا اسٽيڪ هولڊرز ايس سي او جي تيارين ۾ پنهنجون ذميواريون انجام ڏين، مان انهن سڀني جو ٿورائتو آهيان، سمورن ادارن ۽ کاتن گڏيل سهڪار سان بهترين انتظام ڪيا آ??ن. هن چيو ته هڪ سياسي پارٽي 2014ع ۾ به چين جي صدر جي دوري جي موقعي تي ڌرڻو هنيو هو، ۽ اها ئي پارٽي احتجا?? جو سڏ ڏئي ايس سي او کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي، قومي اهميت جي ايونٽ جي موقعي تي احتجاج هاڪاري پيغام ناهي، اهم موقعي تي احتجاج هڪ سياسي پارٽي کي نٿو سونهين، ملڪي مفاد ۾ پي ٽي آءِ کي 15 آڪٽوبر جي احتجا?? جو سڏ واپس وٺڻ گهرجي، غلطيون ورجائڻ بجاءِ هي ماڻهو پنهنجي اصلاح ڪن. نائب وز??راعظم چيو ته 2021ع کان افغانستان ايس سي او اجلاسن ۾ شريڪ ناهي ٿيو، ايس سي او اجلاس جي ڪوريج لاءِ سڌ سماءَ واري وزارت ۽ پاڪستان ٽيلي ويزن جا انتظام ساراهه جوڳا آ??ن. پاڪستان علائقائي سهڪار ۽ رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي، جٽ??دار ترقي لاءِ خطي ۾ امن ۽ استحڪام ضروري آهي. اسحاق ڊار چيوته پاڪستان جي عالمي سطح تي اڪيلائپ وارا مفروضا ختم ٿي ويا، ملائيشيا جي وز??راعظم ۽ سعودي وفد جا دورا انتهائي ڪامياب رهيا، پاڪستان سمورن عالمي فورمن تي فلسطين ۽ ڪشمير جي تڪرارن کي اجاگر ڪيو آهي، ۽ فلسطينين لاءِ امداد موڪلڻ جو سلسلو جاري آهي.
ايس سي او اجلاس لاءِ سمورن ادارن ۽ کاتن گڏيل سهڪار سان بهترين انتظام ڪيا آهن، پاڪستان علائقائي سهڪار ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ