لاهور-31 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف جي صدارت هيٺ پارٽي جو اهم مشاورتي اجلاس لاهور ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ و??ير??عظم شهباز شريف، پنجاب جي و??ير??عليٰ مريم نواز، پارٽي جي نائب صدر حمزه شهباز شرڪت ڪئي. ان موقعي تي پارٽي جا سينئر اڳواڻ ۽ عهديدار به موجود هئا. اجلاس ۾ مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال ۽ عوام کي رليف ڏيڻ جي قدمن تي مشاورت ٿي، و??ير??عظم محمد شهباز شريف عوام جي رليف لاءِ وفاقي حڪومت جي قدمن تي پارٽي سربراهه کي بريف ڪيو. ان موقعي تي و??ير??عظم سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان ٿيل ڳالهه ٻولهه تي به پارٽي صدر کي اعتماد ۾ ورتو. هن چيو ته خسارن جوشڪار ادارن کان ڇوٽڪاري ذريعي عوامي رليف لاءِ مالي گنجائش پيدا ڪرڻ جي ڪوشش جاري آهي. و??ير??عظم چيو ته عوام کي رليف جي فراهمي لاءِ هر ممڪن ??وششون ??ري رهيا آهيون، اجلاس ۾ پنجاب جي و??ير??عليٰ مريم نواز به پنجاب ۾ عوام کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏيڻ جي قدمن کان پارٽي صدر کي آگاهه ڪيو. اجلاس کي خطاب ??ند?? پارٽي صدر محمد نواز شريف وفاقي حڪومت جي 50 ارب ۽ پنجاب حڪومت جي 46 ارب روپين جي عوامي رليف کي ساراهيو ۽ چيو ته و??ير??عظم شهباز شريف مشڪل معاشي حالتن ۾ نهايت محنت، جذبي ۽ ڀرپور صلاحيتن سان ڪم ??ري رهيو آهي. هن پنجاب جي عوام کي بجلي جي بلن ۾ 14 روپيا في يونٽ رليف جي فراهمي شروع ٿيڻ تي پنجاب جي و??ير??عليٰ مريم نواز کي شاباش ڏني ۽ چيو ته چاهيان ٿو ته پاڪستان جي هر شهري کي مهانگائي کان جلد رليف ملي، مريم نواز ۽ سندس ٽيم شاباش جي حقدار آهي. هن چيو ته ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ ۽ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ سموريون سياسي ۽ حڪومتي قيادتن ۽ ادارن کي گڏجي فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پنهنجي خرچن مان ڪٽوتي ۽ بچت سان عوام کي رليف لاءِ وسيلا مهيا ڪن.
پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف جي صدارت هيٺ پارٽي جو اهم مشاورتي اجلاس
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ