اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف چيو آهي ته پاڪستان ??ازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن، چيني شهرين کي مفت ويزا جي سهولت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تي 14 آگسٽ کان عملدرآمد ٿيندو، مختلف شعبن ۾ گڏيل منصوبا ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهن، گڏيل منص??بن جي ذريعي چيني صنعت جي پاڪستان ??نتقلي لاڀائتي ثابت ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن 12 رڪني اعليٰ سطحي چيني وفد سان ??لاقات دوران ڪيو جنهن وانگ فوڪانگ جي قيادت ۾ وزيراعظم سان ??لاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن سيد محسن نقوي، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، احد خان چيما، خاص معاون طارق فاطمي، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل سان گڏوگڏ چيني سفير جيانگ زائيڊونگ ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان ??وقعي تي چيني وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۾ توهان جي آجيان ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي، يقين آهي ته ت??هان جو دورو انتهائي لاڀائتو ثابت ٿيندو، چيني قيادت سان ??لاقاتن جي نتيجي ۾ اعليٰ سطح جا وفد پاڪستان جو دورو ڪري رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ صنعت، زراعت ۽ خصوصي اقتصادي زونز ۾ تعاون وڌندو، ٻنهي ملڪن ۾ کاڻ??ن جي کوٽائي، معدنيات ۽ آءِ ٽي ۾ به تعاون کي فروغ ملندو. وزيراعظم چيو ته چيني وفد جي دوري سان سيڙپڪاري کي فروغ ملندو، اسان چ??ن جي ترقي جي ماڊل تي پنهنجي معيشت جو فروغ چاهيون ٿا، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صنعتي تعاون وقت جي گهرج آهي، گڏيل منص??بن جي ذريعي چيني صنعت جي پاڪستان ??نتقلي فائديمند ثابت ٿيندي، مختلف شعبن ۾ گڏيل منصوبا ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهن. وزيراعظم چيني وفد کي آگاهه ڪيو ته ڪابينا جي گذريل اجلاس ۾ چيني شهرين کي مفت ويزا فراهمي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان ??يصلي تي عملدرآمد 14 آگسٽ کان ??يندو. وزيراعظم وفد سان بشام واقعي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ان ??اقعي ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، انهن ماڻهن کي قانون موجب سزا ڏني ويندي، پاڪستان ۾ چيني شهر??ن جي فول پروف سيڪيورٽي جي لاءِ موثر قدم کنيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان دوستي جبلن کان اونچي ۽ سمنڊ کان گهري آهي، چ??ن جي تعاون سان ??اڪستان ??نهنجو سيٽلائيٽ فضا ۾ موڪليو آهي، ٻنهي ملڪن جي دوستي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهي. چيني وفد وزيراعظم جي چ??ن جي دوري کانپوءِ چ??ن جي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ حصيداري جي لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي. 12 رڪني چيني وفد ۾ 10 مختلف وزارتن جا نمائندا شريڪ آهن. وزيراعظم چيني قيادت صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي چيانگ جا خصوصي ٿورا مڃيندي چيني وفد جي آجيان ڪئي. چيني ماهرن جو اعليٰ سطحي وفد پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي حوالي سان حصيداري ۽ تعاون ۽ پاڪستان جي روانگي واپار جي فروغ تي پنهنجي راءِ پيش ڪندو. چيني وفد پاڪستان ۾ مختلف وزارتن، شعبي جي ماهرن سان ??لاقاتون ۽ مختلف جا??ن جو دورو ڪندو. چيني وفد انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، صنعت، سيڙپڪاري، توانائي، معدنيات ۽ کاڻ??ن جي کوٽائي، خصوصي اقتصادي زونز ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ تي تجويزون ڏيندو.
پاڪستان چيني شهرين کي مفت ويزا جي سهولت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تي 14 آگسٽ کان عملدرآمد ٿيندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن