اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي رٽائرمينٽ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. صدر نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي منظوري سپريم ڪورٽ جي 22.03.2024 جي فيصلي جي روشني ۾ ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب رٽائرمينٽ نوٽيفڪيشن جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي رٽائرمينٽ جي عمر پوري ٿيڻ جي تاريخ 30.06.2024 کان لاڳو هوندو. صدر نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي منظوري آئين جي ??رٽ??ڪل 195 تحت ڏني. صدر آصف علي زرداري جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جي عهدي تان هٽائڻ جو 11.10.2018 ??اء اينڊ جسٽس ڊويزن جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جي پڻ منظوري ڏني. جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي سفارشن تي، آئين جي ??رٽ??ڪل 209 (6) تحت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جي عهدي تان هٽايو ويو هو. صدر قانون ۽ انصاف واري وزارت جي تجويزن جي منظوري وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڏني.
صدر پاران جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي رٽائرمينٽ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي منظوري
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا