اسلام آباد– 26 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري صوبائي حڪومتن تي يتيم ٻارن جي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته يتيم ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ۽ نگهداشت جي خير جي ڪم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ گهرجي. صدر 15 رمضان المبارڪ اسلامي تعاون تنظيم جي يتمين جي ڏهاڙي ??ي موقعي تي ٻارن جي لاءِ ايوان صدر ۾ اف??ار ڊنر جو اهتمام ڪيو. اف??ار ڊنر جي تقريب ۾ ملڪ ??ي مختلف شهرن مان آيل يتيم ٻارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر صوبائي حڪومتن تي يتيم ٻارن جي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ تي زور ڏنو ۽ چي?? ته يتيم ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ۽ نگهداشت جي خير جي ڪم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن. صدر چي?? ته گلن جهڙن ٻارن سان ملي تمام گهڻي خوشي ٿي، يتيم ٻارن جي ڪفالت ۽ تعليم ۽ تربيت اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. تقريب ۾ آصفه ڀٽو زرداري پڻ موجود هئي. هن پاڪستان ??ي مختلف شهرن مان آيل يتيم ٻارن سان ملاقات پڻ ڪئي. تقريب کي پاڪستان آرفن ڪيئر فورم جي چيئرمين ايئر مارشل (ر) فاروق حبيب پڻ خطاب ڪيو. هن چي?? ته پاڪستان آرفن ڪيئر فورم يتيم ٻارن جي بهت??ين پرورش ۽ نگهداشت جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، صحتمند معاشرا ڪمزور طبقن خاص طور تي يتيم ٻارن جي واڌويجهه ۽ تعليم ۽ تربيت جو خيال رکن ٿا. هن چي?? ته ملڪ ۾ 46 لک جي لڳ ڀڳ يتيم ٻار آهن، ايوان صدر ۾ ٻارن کي گهرائڻ سان انهن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيندو ۽ حوصلا اف??ائي ٿيندي.
صوبائي حڪومتون يتيم ٻارن جي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم جي لاءِ خصوصي قدم کڻن: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب