اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اڃا تائين ملڪ ۾ اهڙيون حالتون نه آهن جو عام ??ون??ن جي تاريخ ۾ ڦيرڦار ڪئي وڃي، اليڪشن ڪميشن پاران تاريخ جي اعل??ن کانپوءِ هاڻي سمورا سوال ۽ شڪ شبها ختم ٿيڻ گهرجن، اليڪشن ڪميشن جون ??ون??ون منعقد ڪرڻ جي حوالي سان سيڪيورٽي سميت سموريون ضرورتون پوريون ڪنداسين. نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته ??ون??ن جي تاريخ جي اعل??ن کانپوءِ هاڻي ڪنهن کي ??ون??ون منعقد ٿيڻ تي شڪ نه هجڻ گهرجي، اڳ ۾ چيو ويو ته انهن جي نيت ۾ فت??ر آهي ان لاءِ ??ون??ن جي تاريخ جو اعلان نه ڪري رهيا آهن، هاڻي جڏهن ته اتفاق راءِ سان 8 فيبروري ??ون??ن جي تاريخ اچي وئي آهي ته ڪو ابهام باقي نه آهي. هن چيو ته ??ون??ون اليڪشن ڪميشن کي منعقد ڪرائڻيون آهن، اليڪشن ڪميشن کي جن جن شين جي ضرورت هئي اهي پوريون ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران ايندڙ عام ??ون??ن جي لاءِ 42 ارب رپين جي بجيٽ گهري وئي هئي، پهرين مرحلي ۾ 10 ارب رپيا ڏنا ويا جنهن تي چيو ويو ته 17 ارب 40 ڪروڙ رپيا ڏنا وڃن، اهڙي طرح ناڻي واري وزارت اليڪشن ڪميشن کي 27 ارب 40 ڪروڙ رپيا ڏنا، باقي فنڊز به جڏهن اليڪشن ڪميشن ضرورت محسوس ڪندي ته فراهم ڪيا ويندا، اليڪشن ڪميشن کي سيڪيورٽي سميت هر طرح جو تعاون فراهم ڪنداسين. هن چيو ته اڃا تائين اهڙيون حالتون نه آهن جو اسان ??ون??ون منعقد ڪرڻ جي لاءِ سيڪيورٽي فراهم نه ڪري سگهون. بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي خدشن ۽ افواهن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن وقت تائين اهڙيون حالتون نه آهن جو اسان ڪنهن وهم يا ڪنهن ٻي سوچ ۾ مبتلا ٿي وڃُون، نه ئي ڪنهن اداري پاران اهڙي طرح جي ڪا ڳالهه ڪئي وئي آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي جون حالتون اڳ ۾ به هيون ۽ اڃا به آهن، 2008ع ۽ 2018ع ۾ اليڪشن جي وقت جون حالتون به سڀني جي سامهون آهن. هن چيو ته اهڙيون حالتون نه آهن جنهن جي ڪري عام ??ون??ن جي تاريخ ۾ ڦيرڦار ڪئي وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري کان توهان پاڻ پڇندا ته کيس ڪنهن چيو ته صوبي ۾ وزارت اعليٰ جي اميدوار جو نالو فائنل ٿي ويو آهي، اسان جي حساب سان چئني صوبن ۾ عام ??ون??ون ٿيڻيون آهن ۽ ان ۾ سموريون رجسٽرڊ سياسي ??ارٽيون آزادي سان حصو وٺنديون، هر سياسي ??ارٽي کي سياسي سرگرميون ڪرڻ جي اجازت آهي، بلاول ڀٽو اڳ ۾ به سياسي سرگرميون ڪندو رهيو آهي ۽ هاڻي به ڪندو رهندو، اس??ن کي ڪو اعتراض نه آهي، جنهن جي جتي مرضي هجي پنهنجون سياسي سرگرميون ڪري سگهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري کي اطلاع هوندو ته نواز شريف چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ وڃي رهيو آهي، اس??ن کي ته ڪو اهڙو اطلاع نه آهي. هن چيو ته ايندڙ وزيراعظم ڪير هوندو ان جو فيصلو ايندڙ عام ??ون??ن جا نتيجا ڪندا.
اڃا تائين ملڪ ۾ اهڙيون حالتون نه آهن جو عام چونڊن جي تاريخ ۾ ڦيرڦار ڪئي وڃي، اليڪشن ڪميشن پاران تاريخ جي اعلان کانپوءِ هاڻي سمورا سوال ۽ شڪ شبها ختم ٿيڻ گهرجن: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن