اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گوجرانوالا بورڊ جي ميٽرڪ جي امتحانن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگرد جمشيد علي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي جمشيد علي و??لد??، ان جو استاد وحيد اشرف ۽ گوجرانوالا بورڊ جو چيئرمين نويد حيدر شيرازي ۽ وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وزير راڻا تنوير حسين پڻ م??جود هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف جمشيد علي کي سندس ميٽرڪ جي امتحانن ۾ شاندار ڪارڪردگي تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي حوصلا افزائي جي لاءِ 10 لک رپيا انعام پڻ ڏنو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته جمشيد علي جا م??سٽ??ز تائين جا سمورا تعليمي خرچ حڪومت برداشت ڪندي، وزيراعظم جمشيد جي لاءِ ماهوار 30 هزار رپيا وظيفي جو پڻ اعلان ڪيو ۽ ان کان واعدو ورتو ته هو اڳتي به ??عليمي ميدان ۾ اهڙي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندو. وزيراعظم شاگرد خان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جهڙا هوشيار شاگرد پاڪستان جو فخر آهن، توهان جي ڪاميابي ۾ و??لد??ن ۽ استادن جي به محنت شامل آهي، توهان پاڪستان جي ٻين شاگردن جي لاءِ به ??ول ماڊل آهيو.
وزيراعظم سان گوجرانوالا بورڊ جي ميٽرڪ جي امتحانن ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگرد جمشيد علي جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ