اسلام آباد- 29 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف سيد عاصم منير عيد جو ڏينهن فوجي جوانن سان گذاريو، وزيراعظم شهباز شريف ۽ ناڻي وارو وفاقي وزير سين??ٽر اسحاق ڊار، بچاءُ وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان گڏ پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحدي ماڳ پاره چناره پهتا. ڪالهه وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف سيد عاصم منير عيد نماز فوج جي آفيسرن ۽ جوانن سان گڏ ادا ڪئي ۽ کين عيد مبارڪ پيش ڪئي. وزيراعظم فوج جي اعليٰ جذبي، عسڪري تياري ۽ اعليٰ پيشيوراڻي معيار جي ت??ريف ڪئي. جوانن ۽ آفيسرن سان ملاقات جي دوران وزيراعظم چيو ته چيف آف آرمي اسٽاف سان گڏ اڄ مان عيد جو ڏينهن اوهان سان گذاري رهيو آهيان ته جيئن مادر وطن جي سرحدن جي جرئت ۽ بهادري سان حفاظت ڪندڙ پنهنجي آفيسرن ۽ جوانن جي ڪوششون ۽ جذبن کي خراج تحسين پ??ش ڪريان. وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان پ??هنجي ذاتي آرام ۽ سڪون کي ڇڏي وطن عزيز جي ت??فظ، دفاع ۽ سلامتي جو عظيم فرض انجام ڏين ٿا، موسم ۽ حالتن جي سختين کي برداشت ڪن ٿا ۽ هر طرح جي مشڪلاتن کي منهن ڏين ٿا. مادر وطن جي سرحدن جو پهرو ڏين ٿا جنهن تي قوم اوهان کي سلام پيش ڪري ٿي هن چيو ته عيد سميت خوشين جا موقعا هجن يا ڏک جا، آفيسر ۽ جوان انفرادي طور وطن جي حفاظت جي فرض کي ت??جيح ڏين ٿا. اسان اوهان جي هن جذبي کي سلام پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته اڄ مان آرمي، ايئر فورس ۽ بحريه جي آفيسرن ۽ جوانن جي خدمت کي خراج تحسين پ??ش ڪريان ٿو جيڪي بي پناهه تڪليفن جو مقابلو ڪري ملڪ جي سرحدن جي حفاظت جو مقدس فرض نڀائين ٿا. وزيراعظم شهباز شريف پوري قوم خاص طور تي پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن کي عيد جي مبارڪ پيش ڪئي. وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته امن تباهه ڪندڙ، دهشتگردي ڪندڙن ۽ انهن جي سرپرستن ۽ سهولتڪارن لاءِ لڪڻ جي ڪا به جاءِ نه آهي، پاڪستاني قوم جي پاڪستانيت ملڪ ۾ فتني فساد، ڏڦيڙ ۽ افراتفري پيدا ڪندڙ قوتن جي مڪروه منصوبن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو، انهن قوتن کي شڪست ٿي جيڪي پنهنجي مڪروه ايجنڊا لاءِ ورڇ ۽ ڏارون پ??دا ڪرڻ چاهيندا هئا. هن چيو ته شهداءَ پاڪستان ۽ قوم جو سرمايو آهن، انهن جي عزت ۽ حرمت اسان کي هر شيءَ تي مٿانهين آهي. وزيراعظم شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ?? فاتحه خواني ڪئي. ان کان اڳ اچڻ تي چيف آف آرمي اسٽاف وزيراعظم جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي ڪمانڊر 11 ڪور کانسواءِ صوبائي حڪومت جي اعليٰ عملدار به پڻ موجود هئا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير عيد جو ڏينهن فوجي جوانن سان گذاريو
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia