اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جو آئين شهرين جي حقن، وفاق ۽ اڪائين جي اتحاد جو ضامن آ??ي، ملڪي سلامتي ۽ ترقي آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني ۾ ئي آهي، آئين سمورين صوبائي اڪائي?? کي گڏ کڻي هلي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شهداءِ جمهوريت جي ياد ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي ??ي سلسلي ۾ تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ ۽ قوم کي 1973ع جو متفقه آئين ڏنو، 1973ع جو آئين قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي امانت آهي، ملڪ جو آبادگار ۽ مزدور طبقو اڄ به شهيد ڀٽو کي ياد ڪري ٿو، هو ملڪ جي غريب طبقي جو آواز بڻيو. هن چيو ته هر آمراڻي دور ۾ پاڪستان جي آئين جي لاءِ ڏکيو امتحان رهيو، اڄ اسان جنهن وقت مان گذري رهيا آهيون اهو به هڪ امتحان آ??ي، ملڪ ??ي سلامتي ۽ ترقي آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني ۾ ئي آهي، ملڪ آئين تحت هلندو ته عوام کي ان جا حق ملندا. پرڏيهي وزير چيو ته تاريخ گواهه آهي ته جڏهن به آئين جي خلاف فيصلا ٿيا ملڪ کي مشڪلات?? کي منهن ڏيڻو پيو، ملڪ کي تازين مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ سمورين سياسي پارٽي?? کي متحد ٿي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان جو آئين شهرين جي حقن، وفاق ۽ اڪائين جي اتحاد جو ضامن آ??ي، ملڪ آئين تحت هلندو ته عوام کي ان جا حق ملندا، تاريخ گواهه آهي ته جڏهن به آئين ٽوڙيو ويو ملڪ کي نقصان کڻڻو پيو.
پاڪستان جو آئين شهرين جي حقن، وفاق ۽ اڪائين جي اتحاد جو ضامن آهي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات