اسلام آباد– 02 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سوراب بلوچستان ۾ زمين حاصل ڪندڙ مت??ثرين کي معاوضي جي 4 سالن کان عدم ادائيگي تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي عملدارن خلاف انڪوائري جو حڪم ڏيندي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي اپيل رد ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر بلوچستان جي زمين حاصل ڪرڻ جي 23 مت??ثرين کي چئن سالن تائين معاوضي جي عدم ادائيگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن معاوضو ادا ڪرڻ ۾ دير جي ذميوار آفيسرن، اهلڪارن جي خلاف انڪوائري ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿا??ٽي حڪم جي وصولي جي 30 ڏينهن جي اندر تعميل جي رپورٽ ??يش ڪري. صدر چيو ته اٿا??ٽي وضاحت ڪري ته محتسب جي حڪمن جي تعميل ڇو نه ڪئي وئي. هن چيو ته اٿا??ٽي چئن سالن جي دير کانپوءِ ايڪنڪ جي منظوري جي لاءِ ڪيس شروع ڪيو، معاملو دير سان موڪلڻ تي شهرين کي ادائيگي ۾ دير ٿي. صدر چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي لاپرواهي بلڪل واضح آهي. صدر چيو ته اٿا??ٽي 1894ع جي لينڊ ايڪيوزيشن ايڪٽ تي عمل نه ڪيو، ايجنسي جي قانوني ذميواري آهي ته اها ڊپٽي ڪمشنر/ ڪليڪٽر کي معاوضي جا فنڊ جمع ڪرائي. هن چيو ته اٿا??ٽي زمين کي حاصل ڪرڻ دوران نقصان جي ادائيگي ۾ ناڪام رهي، شڪايتن جي چئن سالن کانپوءِ دير سان ڪيس شروع ڪرڻ بدانتظامي جي برابر آهي. تفصيل موجب سوراب بلوچستان جي 23 شهرين کان اٿا??ٽي روڊ جي تعمير جي لاءِ زرعي زمين حاصل ڪئي، روڊ مڪمل ٿيڻ جي باوجود زمين جي معاوضي جي رقم شهرين کي ادا نه ڪئي وئي، جنهن تي شهرين اٿا??ٽي کان معاوضي جي درخواست ڪئي پر ڪو به فائدو نه ٿيو، ريليف نه ملڻ تي بلوچستان جي شهرين وفاقي محتسب کي درخواست ڪئي، وفاقي محتسب اٿارٽي جي حڪمن جي خلاف انڪوائري جو حڪم ڏنو، جنهن کي نيشنل هاءِ وي اٿا??ٽي صدر آڏ?? چئلينج ڪيو، صدر نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي درخواست کي مڪمل طور غلط قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.
صدر پاران نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي عملدارن خلاف انڪوائري جو حڪم
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز