ابوظهبي – 13 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل عرب امار??ت جي رواداري واري وزير شيخ نهيان بن مبارڪ النهيان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف کيس پاڪستان ۾ توانائي، ايوي ايشن ۽ سياحت جي شعبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ گڏيل عرب امار??ت جي ڪوششن کي س??راهيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه جمعي ڏينهن هتي ابوظهبي ۾ گڏيل عرب امار??ت جي رواداري واري وزير شيخ نهيان بن مبارڪ النهيان سان ملاقات ڪئي. شيخ نهيان وزيراعظم کي سڄي دنيا ۾ رواداري ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي قدرن جي فروغ لاءِ ان جي حڪومت جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. شيخ نهيان بن مبارڪ پاڪستاني ڪميونٽي جي لڳاءُ ۽ محنت کي س??راهيو جيڪي گڏيل عرب امار??ت جي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيا اهن. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان ۽ گڏيل عرب امار??ت جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن کي س??راهيندي گڏيل عرب امارات سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي، ثقافت ۽ سياحت سميت سمورن شعبن ۾ موجوده ٻطرفن رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم شيخ نهيان جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پنهنجي ڪاروبار بابت سيڙپڪاري ۾ پاڪستاني عوام تي اعتماد تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم کيس توانائي، هوابازي ۽ سياحت جي شعبن ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ گڏيل عرب امار??ت جي ڪوششن کي س??راهيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل عرب امارات جي رواداري واري وزير شيخ نهيان بن مبارڪ النهيان جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاور بال کی پیشن گوئی