اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي ??ي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز ايون فيلڊ ريفرنس ۾ بري ٿيڻ تي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪندي چيو ته اڄ نواز شريف پڻ سرخرو ٿيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ??حافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته 6 سالن تائين هن ڪيس ۾ ڪوڙ ڳالهايو ويو اڄ الله تعاليٰ عزت سان ??رخرو ڪيو، عمران ??ان کي جواب ڏيڻو پوندو ته هن ڪوڙ ڇو ڳالهايو ۽ الزام ڇو لڳايا، جنهن شخص ڪوڙ ڳالهايو اڄ ان ??و چهرو ڏسڻ چاهيان ٿي، اڄ الله تعاليٰ تو کي ناڪام ڪيو ڪوڙو ثابت ڪيو، تون ناڪام ٿئين ۽ نواز شريف کي الله تعاليٰ سرخرو ڪيو. جلد نواز شريف پڻ واپس ايندو، مريم نواز چيو ته عمران ??ان هڪ بيوس شخ?? آهي ان ڪيس جو بينيفشري ڪير آهي، سڀ خبر هئي، هو بيساڪين تي هڪ ڪيس ذريعي آيو، آمريڪي خط بابت آڊيو ليڪ جي سوال تي مريم نواز جو چوڻ هو ته وزيراعظم جي ڪمري ۾ ويهي ٻن شيطاني دماغن ڪوڙ گهڙيو ان معاملي تي اعليٰ سطح جي جاچ ٿيڻ گهرجي، عمران ??ان، اعظم خان، شاهه محمود قريشي ۽ اسد مجيد کي گهرائي انهن کان پڇڻ گهرجي ته هنن ڪهڙي طرح ??لڪ سان هڪ مڪروه راند کيڏي، جيڪڏهن جاچ نٿا ڪري سگهو ته پوءِ اسان کي اکيون بند ڪري ڪمبل مٿان ??وڍي گهر ۾ سمهي رهڻ گهرجي، هن چيو ته هي شخص مذهب ڪارڊ کيڏندو رهيو پر ڪنهن به ان ??ي باري ۾ ڪجهه نه چيو، حڪومت سميت سمورا ادارا تماشو ڏسندا رهيا.
عدالت جي فيصلي سان نواز شريف سرخرو ٿيو آهي: مريم نواز
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت