اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٽن اهلڪارن سميت 6 ماڻهن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ متاثر خاندانن ??ان همدردي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي مذمت ڪندي لانس حوالدار زبير قادر، سپاهي عزيز اصغر ۽ سپاهي قاسم مقصود جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ سندن قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف خودڪش ڌما??ي ۾ شهيد ٻارن 4 سالا انعم، 8 سالا احسن ۽ 11 سالا احمد حسن ??ي گهرڀاتين ??ان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته معصوم ٻارن جا قاتل اسلام ۽ انسانيت ٻنهي جا دشمن آهن، ان سفاڪ وحشت ۽ درندگي جي خاتمي تائين سک ??ان نه وي??ند??سين، قاتلن جي سرپرستن کي سزا ڏئي ر??ند??سين. وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج جون عظيم قربانيون ا??ان جي تاريخ جو سنهري باب آهي، پنهنجي شهيدن تي پوري قوم کي فخر آهي، شجاعت ۽ شهادت ا??ان جي فوج جي شاندار روايت آهي، ا??ان جي شهيدن ان کي برقرار رکيو آهي. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ شهيدن ??ي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.
وزيراعظم شهباز شريف پاران اتر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٽن اهلڪارن سميت 6 ماڻهن جي شهادت تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena