اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي اربن ??يولپمينٽ اٿارٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ والٽن لاهور جي ماحولياتي توازن ۽ بهتري لاءِ تمام گهڻي اهميت رکندڙ منصوبا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن راوي اربن ??يولپمينٽ اٿارٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ والٽن لاهور جي م??صوبن تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ منعقد اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو انهن منصوبن جي ذريعي وسيلن کي صحيح طريقي سان استعمال ۾ آندو پيو وڃي. اهي م??صوبا ان لحاظ کان مثال هوندا ته انهن جي ذريعي وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ايندي. ان کان اڳ راوي اربن ??يولپمينٽ اٿارٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عمران امين وزيراعظم کي م??صوبي تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته مختلف منصوبن جن ۾ چهار باغ، انڊسٽريل اسٽيٽ، واٽر ٽريننگ ورڪ، سفائر بي، ويسٽ ٽريٽمينٽ پلان سميت مختلف منصوبن تي ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ سمورا انتظامي ۽ ماحولياتي مسئلا حل ڪيا ويا آهن ۽ ڪم تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. وزيراعظم کي باب پاڪستان جي تعمير بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو جنهن ۾ 1900ع کان هيستائين والٽن جي تاريخ کي عجائب گهر ۾ محفوظ ڪيو ويندو. ان کانسواءِ ايل اين جي پاور پلانٽ پڻ لڳايو ويندو ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ۾ هڪ جديد ٽيچنگ اسپتال پڻ تعمير ڪئي ويندي. وزيراعظم کي ٻڌايو ته والٽن جي م??صوبي تي پڻ ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ ايندڙ سال مارچ تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي. وزيراعظم کي راولپنڊي ۾ ناله لئي ۽ رنگ روڊ منصوبن تي اڳڀرائي بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته اهي سمورا منصوبا ملڪ جي قومي م??اد جي لاءِ تمام اهم آهن. هن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته انهن منصوبن ??ي تيزي سان مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڪا سستي نه ڪئي وڃي. اجلاس ۾ اطلاعات واري م??لڪتي وزير فرخ حبيب، وزياعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، راوي اربن ??يولپمينٽ اٿارٽي جي سي اي او عمران امين ۽ لاڳاپيل سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته مقامي حڪومتن جي صوبائي وزير محمود الرشيد، پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه، پنجاب حڪومت جي ??رج??ان حسان خاور ۽ پنجاب جي لاڳاپيل عملدارن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.
راوي اربن ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ والٽن لاهور جي ماحولياتي توازن ۽ بهتري لاءِ تمام گهڻي اهميت رکندڙ منصوبا آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا