اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته يورپي يونين جي صدر وزير??عظ?? عمران خان کي ٽيليفون ڪري ان خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته روس ۽ يوڪرين جي تڪرار ۾ پاڪستان ثالثي جو ڪردار ادا ڪري، وزير??عظ?? ان تي عملي قدم کڻندو، جهانگير ترين ۽ عليم خان پارٽي جا مضبوط ماڻهو آهن، ماڻه?? پنهنجي سياست ڪندا رهندا آهن، مقامي ۽ پارٽي جي اندر سياست ٿيندي رهندي آهي، ??شا??ر واقعي جي جوابدارن تائين پهچي ويا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪي سياسي صورتحال تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ سياسي صورتحال ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي غور ٿيو، اجلاس ۾ ??شا??ر واقعي تي بريفنگ ڏني وئي، ??شا??ر واقعي جي جوابدارن تائين پهچي ويا آهيون، اس??ن جي فورسز بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي تمام جلد جوابدارن تائين پهچ حاصل ڪئي. هن چيو ته ماسٽر پلانر سميت سمورن جوابدارن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته وزير??عظ?? عمران خان کي يورپي يونين جي صدر ٽيليفون ڪال ڪئي، يورپي يونين جي صدر ان خواهش جو اظهار ڪيو ته يوڪرين ۽ روس تڪرار ۾ پاڪستان ثالثي جو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته يورپي يونين جي صدر جي وزير??عظ?? عمران خان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه وڏي اڳڀرائي آهي، وزير??عظ?? عمران خان ان تي عملي قدم کڻندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ سياست ۾ سدائين ڪجهه نه ڪجهه لڳل رهندو آهي، هي بلبلو تمام جلد ڦاٽي ويندو. هن چيو ته جهانگير ترين ۽ عليم خان اس??ن جي پارٽي جا مضبوط ماڻهو آهن، اهي اس??ن جي پارٽي جو حصو آهن. پارٽي جي اندر سياست ٿيندي رهندي آهي ۽ اهي پنهنجي سياست ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اس??ن جي ڪيترن ئي ايم پي يز جون انهن سان همدرديون، دوستيون ۽ پراڻا لاڳا??ا آهن، وزير??عظ?? عمران خان سان عليم خان ۽ جهانگير ترين جا ويجها لاڳا??ا آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته ماڻه?? پنهنجي سياست ڪندا رهندا آهن، مقامي سطح تي ۽ پارٽي جي اندر سياست ٿيندي رهندي آهي.
يورپي يونين جي صدر وزيراعظم عمران خان کي ٽيليفون ڪري ان خواهش جو اظهار ڪيو آهي ته روس ۽ يوڪرين تڪرار ۾ پاڪستان ثالثي جو ڪردار ادا ڪري: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada