ڪراچي – 13 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي انشورنس محتسب (ايف آئي او) جي ڪارڪردگي کي ساراهي??دي چيو آهي ته ايف آئي او شڪايت ڪندڙن کي انهن سان ٿيندڙ ناانصافين جي خلاف بنا معاوضي ۽ فوري انصاف فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، وفاقي انشورنس محتسب ٻنهي ڌرين يعني انشورنس پاليسي ??ول??رز ۽ انشورنس ڪمپنين جي رضام??دي سان وڏي انگ ۾ شڪايتن ??ي حل ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ وفاقي انشورنس محتسب جي اهتمام هيٺ انشورنس انڊستري ۾ شفافيت جي اهميت جي موضوع تي منعقد سيمينار کي خطاب ڪ??دي ڪيو. هن چيو ته گذريل سال ايف آئي او شڪايت ڪندڙن کي 410 ملين رپين جو ماليا??ي ريليف فراهم ڪيو آهي ۽ هن سال ماليا??ي ريليف ۾ 2.13 ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي. هن ٻڌايو ته ماليا??ي ريليف جا اهي انگ اکر ايندڙ سال 2.30 ارب رپين تائين وڌڻ جي اميد آهي. هن چيو ته شڪايت ڪندڙن کي تيز رفتار ۽ بنا معاوضي انصاف فراهم ڪرڻ جي ڪري گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ايف آئي او وٽ شڪايتن جي داخلا ۾ 50 سيڪڙو اضافو ٿيو. هن وڌيڪ چيو ته شڪايتن جو ازالو 90 سيڪڙو رهيو ۽ ڪل رجسٽرڊ ڪيسن مان 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪيسز 60 ڏينهن جي اندر اڪلايا ويا. عوام ۾ وفاقي انشورنس محتسب جي حوالي سان گهٽ آگاهي تي هن افسوس جو اظهار ڪ??دي چيو ته مشڪل سان 4 کان 5 سيڪڙو ماڻهو هن اداري بابت ڄاڻين ٿا. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هن اداري پاران ڏني ويندڙ خدمتن ??ان عوام کي آگاهه ڪيو وڃي. صدر وفاقي انشورنس محتسب کي فرض سرانجام ڏيڻ ۾ پنهنجي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي??دي چيو ته بدعنواني جي خلاف متاثر پاليسي ??ول??رز کي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل چيو ته قومي جي ڊي پي ۾ انشورنس سيڪٽر جو حصو گهٽ آهي ۽ قومي ناڻي ۾ ان جو حصو وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون ويون آهن. هن وڌيڪ چيو ته بئنڪ مئنيجر ان اسڪيم تحت انشورنس پاليسين جو سيلز ايجنٽ بڻجي ويو آهي، جيڪو ان جي نوڪري جو حصو نه آهي. هن چيو ته اها به انتهائي بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته بئنڪ مئنيجر معصوم صارفين کي ڦاسائڻ جي لاءِ انشورنس اسڪيمن بابت بئنڪنگ صارفين آڏو حقيقتن ??ي غلط بيان ڪري ٿو. هن چيو ته هن سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان، اسٽيٽ بنڪ آف پاڪستان ۽ پاڪستان بئنڪس ايسوسيئيشن سان رابطو ڪيو آهي ته جيئن صورتحال جو جائزو وٺي سگهجي ۽ پاليسي ??ول??رز کي دوکيبازي جي سرگرمين کان بچائي سگهجي. بعد ۾ صدر ڪليم سيٽلمينٽ جا چيڪ شڪايت ڪندڙن جي حوالي ڪيا.
وفاقي انشورنس محتسب شڪايت ڪندڙن کي انهن سان ٿيندڙ ناانصافين جي خلاف بنا معاوضي ۽ فوري انصاف فراهم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا