اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي پاڪستان جي روانگي واپار کي وڌائڻ جي قدمن جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، جولاءِ 2021ع ۾ 19.7 سيڪڙو اضافي سان روانگي واپار 2.3 بلين ??الرز ۽ ٽيڪسٽائيل روانگي واپار 1.49 بلين ??الرز رڪارڊ ٿيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته روانگي واپار ۾ اضافو پاڪستان ۾ پرڏيهي ناڻي ۾ پڻ اضافي جو سبب بڻجي ٿو. هن چيو ته 2018ع ۾ پاڪستان تحريڪ ا??صا?? کي حڪومت ملي ته (ن) ليگ جي غلط پاليسين جي ڪري ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي تالا لڳل هئا، پاور لومز ڪٻاڙ جي اگهن ۾ وڪرو ٿي رهيون هيون ۽ اڄ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري پنهنجي عروج تي آهي. هن چيو ته ٽيڪسٽائيل جي روانگي واپار ۾ رڳو جولاءِ 2021ع ۾ 17 سيڪڙو وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون