اسلام آباد – 21 نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم او??نگ??يب چيو آهي ته اهو ثابت ٿي ويو آهي ته سياسي پارٽين جا سربراهه اهي هوندا ج?? کي عوام ۽ سياسي پارٽيون نامزد ڪنديون، ڳڻپ جو راڳ آلاپڻ ۽ ڳڻپ ڪائونٽر هڻندڙ?? کي اڄ شڪست ٿي آهي، اڄ پاڪستان جي جمهوريت مستحڪم ٿي رهي آهي. پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسيمبلي مان پارٽي سربراهه جي حوالي سان پيپلزپارٽي جي پيش ڪيل آئيني بل جي رد ٿيڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مريم او??نگ??يب چيو ته اڄ پوري قوم مبارڪباد جي مستحق آهي، جيڪو قانون پارليامينٽ رد ڪيو ان مان اها ڳالهه ظاهر ٿي وئي ته ڪمزور ڪندڙ ڪاري قانو?? کي اڄ پارليامينٽ شڪست ڏئي ڇڏي آهي، اڄ جمهوريت جو دور آهي جنهن ۾ جمهوريت مستحڪم ٿي رهي آهي، محمد نواز شريف جي خلاف سازشون ڪندڙ?? کي اڄ شڪست ٿي.
مضمون کا ماخذ : گرم گرم