ابوظھبي-25 نومبر (اي پي پي) گڏيل ??رب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النھيان جي نگراني ۾ ” زيد گرينڊ اٺن جي ڊوڙ شروع ٿي وئي آھي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق ابوظھبي جي الوثبه اٺن جي ريس ٽريڪ تي 25 نومبر کان شروع ٿيل ??يس پھرين ڊسمبر تائين جاري رھندي، جنھن ۾ گڏيل ??رب امارات ۽ جي سي سي ملڪن مان ھزارين ڊوڙ وارا اٺ حصو وٺي رھيا آھن، تنظيمي ڪميٽي مقابلي لاءِ 36 ٽرافيون ??ختص ڪيون آھن، جنھن ۾ ايونٽ جي عرصي دوران 217 ڊوڙ جا مقابلا منعقد ٿيندا. اٺن جي ڊوڙ گڏيل ??رب امارات جي مرحوم باني شيخ زيد بن سلطان النھيان جي نالي تي رکيل واحد ايونٽ آھي، جنھن پنج ڏھاڪا اڳ اٺن جي ڊوڙ شروع ڪرائي ھئي ۽ جنھن جي ميراث گڏيل ??رب امارات جي قيادت جي مستقل حمايت سان جاري آھي. رپورٽ مطابق اھو مقابلو نائب صدر، نائب وزيراعظم ۽ صدارتي عدالت جي چيئرمين، شيخ منصور بن زيد النھيان جي ڌيان جو مرڪز آھي، جيڪو ان راند لاءِ سندس وابستگي ۽ تازي سال ۾ ٿيل ??ڳڀرائي کي ظاھر ڪري ٿي. ان ايونٽ کي اٺن جي ريسنگ فيڊريشن منعقد ڪري رھي آھي، جنھن جي صدارت گڏيل ??رب امارات جو صدر مشير شيخ سلطان بن حمدان النھيان ڪري رھيو آھي.
گڏيل عرب امارات ۾ زيد گرينڊ اٺن جي ڊوڙ شروع
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج